Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain
پنبڻن تي،پوءِ کاٻي تي، هاڻي مٿي تي تيل لڳايو،۽ڏاڙهي۾تيل لڳايو ته چپ ۽ ڄاڙي جي وچ واري وارن کان شروع ڪيو ٭ سَرنهن جو تيل لڳائڻ وارو جڏهن ٽوپي يا عمامو لاهيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڌپ ايندي آهي جنهن کان ٿي سگھي ته اهو مٿي تي سٺو خوشبودار تيل لڳائي، خوشبودار تيل ٺاهڻ جو آسان طريقو هي به آهي ته ڏونگي جي تيل جي شيشي ۾ پنهنجي پسند جي عطر جا ڪجھ ڦُڙا وجھي ملايو،خوشبودار تيل تيار آهي ٭ جمعي نماز لاءِ تيل ۽ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي. (بهارشريعت ج 1 ص774) ٭ ميّت جي ڏاڙهي يا وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ، ناجائز ۽ گناهه آهي ٭ ماڻهو مَيت جي ڏاڙھي ڪٽيندا آهن هي به ناجائز ۽ گناھ آهي۔ گناھ مَيت تي نه آهي ڪٽڻ ۽ ان جو حڪم ڏيڻ وارن تي آهي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
دیتے ہیں فَیْضِ عام، اَوْلِیائے کِرام لُوٹنے سب چلیں، قافِلے میں چلو
اَوْلِیا کا کرم، تُم پہ ہو لاجَرَم خُوب جلوے مِلیں، قافِلے میں چلو
(وسائل بخشش مرمم،ص۶۷۱-۶۷۲)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد