Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

اجتماعِ ذڪرونعت جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي، مبلغينِ دعوت اسلامي جي سنتن ڀري بيانن جي ترڪيب ٿيندي آهي، خاص طور رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ سنّتِ اعتڪاف جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ عاشقان رسول دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ ٿيڻ واري سنّت اعتڪاف ۾ شرڪت ڪري خوب علم دين جا موتي چونڊڻ جو شرف حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ مختلف مدني ڪورسن ۽ مدني ڪافلن ۾ سفر جي به سعادت حاصل ڪندا آهن. اللهُ ڪريم مجلس عشر۽ اطراف گائون کي وڌيڪ برڪتون ۽ترقيون نصيب فرمائي.   

بَيان جو خُلاصو

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته:

٭اَولِياءِ ڪرام جي در تي ايندڙ ڪڏهن به هٿين خالي ناهي موٽندو۔ ٭اَولِياءِ ڪرام جي وَسيلي سان زمين وارن تان بَلائون ۽ مُصِيبَتون پري ٿينديون آهن۔ ٭اَولِياءِ ڪرام جي دُعائڻ ۾ گھڻي تاثير هوندي آهي۔٭اَولِياءِ ڪرام جون ڪرامتون قرآنِ ڪريم مان ثابِت آهن۔٭اَولِياءِ ڪرام جي بَرَڪت سان برسات ٿيندي آهي ۽ رِزق ڏنو ويندو آهي۔٭اَولِياءِ ڪرام کي الله ڪريم جي عطا سان عِلمِ غِيب حاصِل هوندو آهي۔٭ اَولِياءِ ڪرام جي قُرب جي بَرَڪت سان عذابِ قَبر مان نَجات نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ اَولِياءِ ڪرام جي بَيانات، اِرشادات ۽ تَحريرن جي بَرَڪت سان گناهگار ماڻهو قرآن ۽ سُنّت جي راھ تي هلندا ۽ غير مُسلِم اسلام قبول ڪندا آهن۔ الله پاڪ اسان کي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ انهن جي دامنِ ڪرم سان وابسته رهڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔        اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت،