Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

اِيمان جي سلامتي، رِضاءِ اِلٰهي کي حاصل ڪرڻ، حَرَمَين شَرِيفَين جي زيارت، نيڪين تي اِستِقامت، گُناهن کان نَفرت، نعمتن تي شُڪر جي تَوفِيق ۽ بي حساب مَغفِرت جون دُعائون ڪرايون جو اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جو وُجُود ۽ انهن جي صُحبَت مَخلوق جي لاءِ رَحمت جو سبب آهي، انهن جي دُعائن ۾ گھڻو اَثَر هوندو آهي ۽ انهن جي صَدَقي ۾ الله ڪريم مُصِيبَتن کي پري ڪندو آهي ۽ ڇماڇم مينهن وسائيندو آهي، جيئن

شَيخِ طَرِيقَت، اَميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تَصنِيف ”فَيضَانِ سُنّت“ ۾ فرمائن ٿا:حضرت سَيدُنا ابُو دَردَاء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته بيشڪ انبياءِ ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام زمين جا اوتاد (اولياء الله جو هڪ خاص درجو) هئا،جڏهن نُبُوَّت جو سلسلو ختم ٿيو، ته الله تعاليٰ اُمتِ احمد مان هڪ قوم کي انهن جو نائب بڻايو جن کي ابدال چوندا آهن، اهي (فقط) روزي، نماز، تسبيح ۽ تقديس ۾ ڪثرت جي ڪري ماڻهن کان افضل ناهن ٿيا بلڪه پنهنجي حسنِ اخلاق، پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي سچائي، سٺي نيّتن، تمام مسلمانن کان پنهنجي سيـنن جي ســلامــتــي، الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِ حلم (يعني بردباري)، صبر ۽ دانشمندي، بغير ڪمزوريءَ جي عاجزي ۽ تمام مسلمانن جي خير خواهي جي سبب افضل ٿيا آهن. پوءِ اهي انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جا نائب آهن، اهي اهڙي قوم آهن جو الله تعاليٰ انهن کي پنهنجي ذات مبارڪ جي لاءِ منتخب ۽ پنهنجي علم ۽ رضا جي لاءِ خاص ڪري ڇڏيو آهي. اهي 40 صديق آهن، جن مان 30 رحمٰن عَزَّوَجَلَّ جي خليل حضرتِ سيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي يقين وانگر آهن. انهن جي ذريعي زمين وارن کان آفتون ۽ ماڻهن کان مصيبتون ٽَرنديون آهن. انهن جي ذريعي ئي برسات ٿيندي آهي ۽ رزق ڏنو ويندو آهي، انهن مان ڪو انهيءَ وقت فوت ٿيندو آهي، جڏهن الله تعاليٰ ان جي جانشيني جي لاءِ ڪنهن کي حڪم ڏئي چُڪو هوندو آهي، اهي ڪنهن تي لعنت ناهن موڪليندا، پنهنجي ماتحتن کي تڪليف ناهن ڏيندا، انهن تي ظلم ۽ ستم ناهن ڪندا، انهن کي حقير ناهن سمجهندا، پاڻ تي فوقيت رکڻ وارن تي ساڙ ناهن ڪندا، دنيا جو