Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

اُميد ڀري لهجي ۾ ٻيهر سُوال ڪيو: ڪيتري قيمت ۾؟ جواب ڏنائون: هڪ دِرهم ۾، جواب ٻڌندي ئي زُبَيده خاتون هڪدم قِيمَت پيش ڪئي۔ قِيمَت ملڻ کان پوءِ حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه هڪ ڪاٺي کنئي ۽ هڪ گھروندي (مٽّيءَ جي هڪ ننڍڙي گھر) جي چوڌاري لڪير ڪڍندي فرمايائون: ”مون جنّت جو اهو مَحل هڪ دِرهم جي بدلي زُبَيده خاتون کي وڪڻي ڇڏيو“، اهو ٻڌندي ئي زُبَيده خاتون ان يقِين جي خُوشِي ۾ سَرشار ٿي ويون ته جيئري ئي جنّت جو پَروانو مِلي ويو، پوءِ اها خوش خَبَري ماڻي زُبَيده خاتون شاهي مَحل ڏانهن رواني ٿي۔ رات جو پويون پهر هو، اڃا پاڻ نماز تهجد ۽ مناجات مان فارغ ٿي ليٽي ئي هئي ته اوچتو هارون رشيد آيو ۽ زُبَيده خاتون کي چوڻ لڳو ته اڄ جڏهن مان نماز تَهجُّد پڙھي ليٽيس ته مون کي ننڊ وٺي وئي، ڇا ٿو ڏسان ته مان هڪ باغ جي سير ڪري رهيو آهيان، منهنجي پڇڻ تي ڪنهن ٻڌايو ته هي جَنَّتُ الْفِرْدَوْس آهي۔ مون اتي هڪ بُلند دروازي تي سبز رنگ ۾ زُبَيده خاتون لکيل ڏٺو، ان اُميد تي ان مَحل ۾ داخِل ٿيس ته شايد منهنجو نالو به لکيل هجي، مان ميلن تائين پري هليو ويس پر مون هر هنڌ اوهان جو ئي نالو لکيل ڏٺو۔ هارون رشيد زُبَيده خاتون کان ان جي باري ۾ پڇا ڪئي ته زُبَيده خاتون انهن کي گُذريل شام پيش ايندڙ واقِعو ٻڌايو۔ هارون رشيد چيائين: مون کي به حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه وٽ وٺي هل، پوءِ زُبَيده خاتون ان کي به حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي بارگاھ ۾ وٺي وئي۔ حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه پهريان وانگر هاڻ به هڪ ويراني ۾ مٽي جا گھر بڻائڻ ۾ مشغول هو۔ هارون رشيد حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيو، ادب سان سلام ڪيائين ۽ حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه کان جنّتي مَحل جي قِيمَت پُڇي، حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمايائون: هن جي قِيمَت(Price) تنهنجي سڄي سَلطَنَت آهي، هارون رشيد حَيرت وچان عَرض ڪيو: حُضور! جنّتي مَحل جي قِيمَت اوچتو ايتري وڌي ڪيئن وئي جڏهن ته منهنجي گھرواريءَ کي ته اوهان هڪ دِرهم ۾ ئي وڪڻيو هو؟ حضرت سَيدُنا بهلول