Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

عَلَيْه هن حديثِ پاڪ تَحت فرمائن ٿا: باوُضو عيادت ڪئي وڃي ڇوته عِيادت (لَفظِي ۽ مَعنَوِي اِعتِبار کان) عِبادت آهي ۽ عِبادت باوُضُو بهتر آهي، ۽ عِيادت ۾ دُعا ۽ مَرِيض (Patient) تي ڪجھ پڙھي دَم ڪيو ويندو آهي ۽ باوُضو دُعا ۽ دَم بهتر آهي،ڪجهه ماڻهو باوُضو قُرباني فاتِحَه ۽ اِيصَالِ ثَواب ڪرائيندا آهن، بلڪ يارھين شريف جو کاڌو باوُضو پچائيندا ۽ کائيندا آهن، اها حديث ان جي اَصل آهي۔ (مرآة المناجيح،۲/ ۴۱۶)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ ڪيتري قَدَر زَبَردَست عمل آهي جو مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ وارو واپَس موٽڻ تائين جنّت جي باغ ۾ هوندو آهي، مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ واري کي الله عَزَّوَجَلَّ جا مَعصُوم ملائڪ دُعائن سان نوازيندا آهن، مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ واري کي جنّت ۾ هڪ باغ عطا ڪيو ويندو، مُسَلمان جي عِيادت ڪرڻ وارو ستّر (70) سال جي مفاصِلي تي دَوزخ کان پري رکيو ويندو۔ ياد رهي! بيمار جي عِيادت ڪرڻ ثَواب جو ڪم آهي پر ڪڏهن ڪڏهن عِيادت ڪرڻ واري مريض جي لاءِ راحت جي بدران زحمت جو سبب بڻجي ويندي آهي۔ بِلا ضَرورت مَرَض جو تفصيل پُڇڻ، طِبّي مُعَامَلن کان بي خبر هوندي به ان کي طرح طرح جا مَشوَرا ڏيڻ ۽ ٻيا فُضول سُوال ڪرڻ مريض جي لاءِ تڪليف ۽ دل آزاري جا سَبَب بڻجي ويندا آهن، بَهرحال عِيادت ڪرڻ ۾ مريض جي ڪيفِيت جو خَيال رکڻ بيحد ضَروري آهي ۽ جيڪڏهن اهو مَحسوس ٿئي ته اسان جي مَوجُودگي مريض جي لاءِ تڪليف جو سَبَب آهي ته جَلد اتان کان رَوانو ٿيڻ گھرجي۔ فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اَفْضَلُ الْعِيادَة سُرْعَة الْقِيام بهترين عِيادت جَلد اُٿي وڃڻ آهي۔(شعب الايمان،باب في عيادة المريض، فصل في آداب العيادة، ۶/۵۴۲، حديث: ۹۲۲۱)

حڪيمُ الاُمَّت مُفتِي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تَحت لکن ٿا: هي تمام ان صورت ۾ آهي جڏهن بيمار کي ان جي ويهڻ سان تڪليف ٿئي۔ (مرآة المناجيح، ۲/ ۴۳۳) حضرت علّامه علي قاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن وَقت