Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

هڪ ڏينهن منهنجي گھرواريءَ ان جو منهن کولي ڇڏيو ته اها ست(7) ڏينهن ۾ خَتم ٿي وئي، پوءِ مون حُضور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ اها ڳالهه عرض ڪئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن اِرشاد فرمايائون: جيڪڏهن توهان ان کي ڇڏي ڏيو ها ۽ ان جو منهن نه کوليو ها ته پنهنجي مرڻ تائين انهيءَ مان کائيندا رهو ها يعني اها ڪڻڪ ختم نه ٿئي ها۔            (بهجة الاسرار ، ص ۱۳۰)

وہ اور ہیں جن کو کہئے محتاج                                       ہم تو ہیں گدائے غوث اعظم

جو دم میں غنی کرے گدا کو                                      وہ کیا ہے عطائے غوث اعظم

(ذوق نعت،ص۱۲۳)

(2) لَٺِ مبارڪ روشن ٿي وئي

حضرت سَيِّدُنا عَبدُالۡمَلِڪ ذَيّال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪن ٿا ته مان هڪ رات غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مدرسي ۾ بيٺو هيس ته سندن هڪ لَٺِ، دستِ مبارڪ ۾ کڻي اندران کان ٻاهر تشريف کڻي آيا، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ڪاش! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هن لَٺ جي ذريعي مون کي ڪا ڪرامت ڏيکارين، هتي منهنجي دل ۾ هي خيال گذريو هوڏانهن حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لَٺ کي زمين ۾ ٺوڪي ڇڏيو، ته اها لٺ (staff) ڏيئي وانگر روشن ٿي وئي، ۽ گهڻي دير تائين روشن رهي، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان لَٺ کي زمين مان ڪڍي ڇڏيو ته اها جيئن هئي ائين ئي ٿي وئي.، ان کان پوءِ حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو؛ بس اي ذَيّال! توهان اهو ئي چاهيو پيا؟         

                                             ( بهجة الاسرار، ذڪرفصول من ڪلامه …الخ،ص۱۵۰) 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته پيران پير، پير دَست گير، روشن ضمير، قُطبِ رَبّاني، محبوبِ سُبحاني، پيرِ لاثاني ڪهڙا باڪرامت ولي هئا جو جن کي ربِّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ اها طاقت ۽ قدرت بخشي هئي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه غيب جي خبر ڏيندي دلين ۾ پيدا ٿيڻ وارن خيالن کان باخبر ٿي ويندا هئا ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مشهور زمانه ’’قصيدهٔ غوثيه ۾ ته ايستائين اِرشاد فرمايائون ته .....