Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

٭اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهي،٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن سان اَميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه گھڻا خوش ٿين ٿا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازين ٿا، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت هٿ ايندي آهي،٭مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو Gift)) اَسلافِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو،٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جو پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو انداز به ڪيترو پيارو هو۔ اچو! ان جي هڪ اِيمان اَفروز جَھلڪ مُلاحَظه ڪريون ٿا، جيئن ته،

سڄو ڏينهن فِڪرِ مدينه

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا ابو ذَر رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه سڄو ڏينهن گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ (آخِرت جي باري ۾) غور ۽ فِڪر ڪندا رهندا هئا۔ (احیاء علوم الدین، کتاب التفکر ،۵/۱۶۲ماخوذاً) اچو! ترغيب طور فِڪرِ مدينه ڪرڻ جي هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ جھومو جيئن ته،

مَدَني انعامات جي رسالي جي بَرَڪت

باب المدينه ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ کي ان جي علاقي جي مسجد جا امام صاحب جيڪي دعوتِ اسلامي سان وابسته هئا، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي ان جي وڏي ڀاءُ کي مَدَني انعامات جو هڪ رسالو تحفي ۾ ڏنو، اهي گھر کڻي آيا ۽ پڙهيو ته حيران رهجي ويا ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي۔ مَدَني انعامات جو رسالو ملڻ جي برڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان کي نماز(salah) جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويا ۽ هاڻي پنج وقت جا نمازي بڻجي چڪا آهن، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي ورتي ۽ مدني انعامات جو رسالو به ڀريندا آهن۔