Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

کان مهانگا هوندا، پر ان جي باوجود اي منهنجا آقا!توهان اسان جهڙن نالائقن کي به پنهنجي دامن ڪرم سان وابسته فرمايو، اوهان تي ڪروڙين درود ۽ سلام هجن .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الکبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                        صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دُعا جي بَرَڪت:

حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا شَيخ علي بن هَيتَمِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن بيمار ٿيندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجي زَرِيرَان واري زمين ڏانهن تشريف کڻي ايندا هئا ۽ اتي ڪئي ڏينهن گُذاريندا هئا۔ هڪ ڀيري پاڻ اتي بيمار ٿي پيا ته انهن وٽ غَوثِ صَمداني، قُطبِ رَبَّانِي،