Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

مطالعونهايت فائديمند آهي هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي کوڙسارين ڪرامتن ۽ ان کان علاوه سندن جا احوال،سندن جي ننڍپڻ جا واقعا،علم ۽ پرهيزگاري، فرمان، اوهان جي شان ۾ لکيل مَنقَبَتون ۽ اولياء ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي سندن سان عقيدت جي اظهار جي متعلق قول وغيره نهايت سٺي انداز ۾ ترتيب سان بيان ڪيا ويا آهن،

رسالو(انبیا و اولیاء کوپکارناکیسا( جو تعارف

مڪتبة المدينه تان جاري ڪيل شَيخِ طرِيقَت اَميرِ اَهلِسنّت،بانيِ دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضَوي ضيائي دامَت بَرَڪَاتُهُمُ العَالِيَہ جي مدني مذاڪرن تي مشتمل رسالو (انبیا و اولیاء کوپکارناکیسا( جومطالعو ڪريو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن رسالي ۾ انبياءِ ڪرامعَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی کي پڪارڻ جو ثبوت،اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جون ڪرامتون،دلچسب واقعا،توبهه جي معنٰي ۽ ان جي حقيقت،خشوع ۽ خضوع جي معنٰي ۽ نماز ۾ ان جي اهميت ۽ ان کان علاوه کوڙ سارن مدني گلن کي بيان ڪيو ويو آهي.تنهنڪري ان ٻنهي رسالن کي مڪتبة المدينه جي شاخ تان هَدِيَّةَ وٺي ڪري پاڻ به پڙهو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جو شوق ڏياريو. دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان هن رسالن کي پڙهي به سگهجي ٿو ۽ ڊائون لوڊ (download) ۽ پرنٽ آوٽ به ڪري سگھجي ٿو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ڪرامت جي تعريف ۽ ان جو حڪم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غَوْثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون وڌيڪ ڪرامتون به ٻڌنداسين پر ان کان اڳ ۾ اهو ٻڌون ٿا ته ڪرامت چوندا ڇا کي آهن، اچو ان جي تعريف ٻڌون ٿا، دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”ڪراماتِ صحابه“ جي صفحي 36 تي آهي ته مومن متقي کان جيڪڏهن ڪا اهڙي نادرُالوجود (يعني تمام گهٽ پائي ويندڙ) ۽ تعجب واري شيء صادر ۽