Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

هجي ته ماءُ جي پيٽ ۾ رهي ڪري به هو ٻاهر جي حالتن (Conditions) کان باخَبَر رهندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جا غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به الله عَزَّ وَجَلَّ جا اهڙا عظيمُ الشَّان مُقَرَّب وَلِي بلڪه وَلين جا سَردَار آهن جيڪي پنهنجي والِده ماجده جي پيٽ ۾ رهي انهن جي قرآن پڙھڻ جي آواز کي نه صِرف ٻڌي وٺندا هئا، بلڪه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن فاني دنيا ۾ جَلوَه گَر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پُورا 18 سيپارا حِفظ به ڪري ورتا هئا

ارڙهن (18)سيپارا حفظ هئا

پنجن(5) سالن جي عمر ۾ جڏهن پهرين ڀيرو بِسْمِ اللہ  خواني جي رسم جي لاءِ ڪنهن بزرگ وٽ ويٺا ته اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم ۽ بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري سُورَةُ الفاتِحَه ۽ آلمّ کان وٺي 18 سيپارا پڙهي ٻڌائي ڇڏيا. ان بزرگ پڇيو؛ پُٽ اڃا پڙھ. فرمايائون؛ بس مون کي ايترو ئي ياد آهي، ڇو ته منهنجي والده کي به ايترا ئي ياد هئا، جڏهن مان پنهنجي والده جي پيٽ ۾ هيس، ان وقت اها پڙهندي هئي، مون ٻڌي ڪري ياد ڪري ڇڏيا هئا.   (الحقائق فی الحدائق،۱/۱۴۰بتغیرقلیل)

تُو ہے وہ غوث کہ ہر غوث ہے شیدا تیرا          تُو ہے وہ غیث کہ ہر غیث ہے پیاسا تیرا

مختصر وضاحت: اي اسان جا غوثِ پاڪ !اوهان اهڙا فرياد ٻڌڻ وارا آهيوجو هر غوث اوهان تي قربان ۽ اوهان جو چاهيندڙ آهي، اوهان اڃارن جي اڃ ختم ڪرڻ وارا اهڙا درياء آهيو جو هر درياء ان جو پياسو آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ڪتاب ”غوث پاڪ جا حالات “ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زندگي جا وڌيڪ احوال ۽ سندن وڌيڪ ڪرامتون ڄاڻڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 106 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”غوث پاک کے حالات“ جو