Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

نَظَرْتُ اِلٰي بِلَادِ الله جَمْعًا                                                        کخَرْدَلَة عَلٰي حُکمِ اتِّصَالِي

يعني مون الله عَزَّوَجَلَّ جي سڀني شهرن کي ائين ڏسي ورتو جيئن رائي جا ڪجھ داڻا مليل هجن.

مشهور مُحَدِّث حضرت سيدُنا شيخ عبدُ الحق محدِّث دِهلَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:حُضور غوثُ الاعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن اِرشاد فرمايو: جيڪڏهن شريعت منهنجي منهن تي  لغام نه لڳائي ها ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ها ته توهان گھر ۾ ڇا کاڌو آهي ۽ ڇا رکيو آهي، مان توهان جي ظاهر ۽ باطن کي ڄاڻان ٿو ڇو ته توهان منهنجي نظر ۾ آر پار نظر اچڻ واري شيشي وانگر آهيو۔

                                                      (اخبار الاخيار،ص،۱۵)

مجھے ایسا شیدا بنا غوثِ اعظم                            کہ ہو جاؤں تجھ پر فدا غوثِ اعظم

مِرے پیر روشن ضمیر آپ کو تو                         مرے حال کا ہے پتا غوثِ اعظم

(وسائل بخشش مرمم ، ص ۵۵۰) 

 

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          فانوسِ هدايت          غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت      غوثِ پاڪ          شهبازخطابت           غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مَدَني انعامات“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله وارن کان ڪجھ لڪيل نٿو رهي ۽ اها به خبر پئي ته اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ولين جا سردار هئڻ جي باوُجود به ڪيترا محتاط هئا جو شريعت جي حڪم جي پيروي کان هڪ قدم به پويان نه هٽندا هئا، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به پنهنجي هر هر عمل کي شريعت مطابق آراسته ڪريون۔ شريعت جي احڪامن جي ادائيگي جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنْعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني ماھ جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذِمَّه دار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔