Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

شَهبازِ لا مڪاني، شَيخ عبدُ القادر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه، الله عَزَّ وَجَلَّ جا اهي مُقَرَّب ترين وَلي آهن، جيڪي تمام اَولِياء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جا سردار آهن ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شَخصِيت عوام ۽ خواص سڀني جي لاءِ عقيدت ۽ اِحترام جي لائق آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نه صرف ڪثيرُ الڪرامات بُزرگ آهن بلڪه الله عَزَّ وَجَلَّ پاڻ
 رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ٻين اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين کان وڌيڪ ڪرامتن ۽ اِنعامن سان نوازيو آهي، ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون ڪرامتون ته ڳڻپ کان ٻاهر آهن، جيئن ته،

موتين جي مالا

مشهور مُحَدِّث حضرت سَيدُنا شَيخ عبْدُ الحق مُحَدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مَشائخِ اَولِياء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين مان ڪو به ڪرامتن جي لحاظ کان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي برابر نه آهي، ايستائين جو بعض مشائخ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين فرمائن ٿا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرامتن جو حال ته موتين (Pearls) جي لڙ وانگر آهي ته جڏهن ٽٽندي آهي ته هڪ کان بعد هڪ موتي ڪرندا ويندا آهن ۽ سندن جون ڪرامتون ڳڻپ ۽ شُمار کان ٻاهر آهن۔  (اشعۃ اللمعات،کتاب الفتن،باب الکرامات، ۴/۶۱۰ مفہوما)

 اچو! پنهنجي دلين ۾ حضور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عظمت وڌائڻ جي لاءِ سندن جون 2 ڪرامتون ٻڌون ٿا، جيئن ته،

(1) اناج ۾ برڪت ٿي

شيخ ابو العباس احمد قَرَشِي بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري بغداد ۾ ڏڪار پيو هو، مون پنهنجي محتاجي ۽ ڪثرتِ عيال (گهڻن ٻار ٻچن) جي شڪايت بارگاھ غَوثِيت ۾ ڪئي، ته غوثِ صمداني، قُطبِ ربَّاني حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه منهنجي لاءِ هڪ وَيبَه (هڪ مخصوص پيمانو) ڪڻڪ جو ڪڍيائون ۽ مون کي فرمايائون ته هن کي هڪ ٻوري ۾ وجھي ان جو منهن بند ڪري ڇڏيو ۽ هڪ پاسي کان کولي ڪڍندا رهجو ۽ پيهين کائيندا رهجو پر ان جو منهن هرگز نه کولجو۔ شيخ ابوالعباس رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته اسان ان ٻوري مان ڪڻڪ ڪڍي ڪڍي اها پنج سالن تائين کائيندا رهياسين، پوءِ