Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

اچو! حُضور غوث ِپاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پنهنجي مزار اَقدس تي حاضر ٿيڻ واري هڪ اَهلِ مَحَبَّت کي نوازڻ تي مُشتَمِل هڪ دلنشين واقِعو ٻڌو ۽ پنهنجو ايمان تازه ڪريو،

مزار مبارڪ مان ٻاهر تشريف وٺي آيا

مصر جو واپاري حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عقيدت مند هو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سلسله عاليه قادِرِيه ۾ داخل ٿيڻ جو به ارادو رکندو هو پر دنياوي ڪاروبار جي مَصرُوفِيت جي ڪري چاليھ سالن تائين سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمتِ اقدس ۾ حاضِري جي شَرَف کان مَحروم رهيو۔ آخرِڪار فيض ۽ بَرَڪتون حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زِيارت جي لاءِ بغداد جو سفر شُروع ڪيو، واپاري جي بغداد پهچڻ تي خبر پئي ته حضرت سَيدُنا غَوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وِصال ڪري ويا آهن ته پنهنجي مراد پوري نه ٿيڻ تي مايوس ٿيا ۽ پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر گڏوگڏ دل ۾ اهو خيال آيو ته پهريان حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي روضي پاڪ جي زيارت ڪري فيض حاصل ڪريان، پوءِ هو روضي مبارڪ جي زيارت جي لاءِ آيو ۽ زِيارت جا آداب ادا ڪيائين، حضرت سَيدُنا غوثِ اعظمرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي قبرِ انور مان ٻاهر تشريف فرما ٿيا ۽ ان جو هٿ (Hand) پڪڙي ان تي تَوَجُّه ڪئي ۽ پنهنجي سلسله عاليه قادِرِيه ۾ داخل ڪري ورتو۔ (تفريح الخاطر،ص۸۲ ملخصاً)

مل گیا مجھ کو غوث کا دامن،فضلِ ربِّ کریم سے روشن

مِری تقدیر کا ستارہ ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۷۷)

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          فانوسِ هدايت          غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت      غوثِ پاڪ          شهبازخطابت           غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

بيان جو خلاصو    

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان حُضور سَيدُنا غوثِ اعظم