Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

جون دُعائون ملنديون رهن ڇو ته نيڪ ٻانهن جون نُقصان جي لاءِ دُعائون بَربادِيءَ جو خَوفناڪ سِگنَل (Signal اِشارو) ۽ انهن جون دُعائون آبادي جو مٺو ميوو آهي۔ ( کراماتِ صحابہ ،ص۱۳۶)

هڪ ٻي جاءِ تي لکن ٿا: الله وارن جون دُعائون ان تِير (Arrow) جيان هونديون آهن جيڪو ڪمان مان نڪري نِشاني کان وار برابر به ناهي گسندو۔ ان ڪري هميشه هن جو خيال رکڻ گھرجي ته ڪڏهن به ڪنهن بَد دُعا جي زَد ۽ پاراتي ۾ نه پئون ۽ بي دينن وانگر هرگز هرگز اهو نه چئون ته ادا ڪنهن جي دُعا يا بَد دُعا سان ڪجھ ناهي ٿيندو، اهي ماڻهو هروڀرو ٻين کي بَددُعا جو ڊپ ڏيندا آهن، بلڪ اهو اِيمان رکجي ته بُزرگن جي دُعائن ۽ بَد دُعائن ۾ تمام وڌيڪ تاثير آهي۔ (ڪراماتِ صحابه،ص ۱۶۳ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شهنشاھ بَغداد، حُضور غَوْثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون ڪرامتون ٻڌي اسان جي دلين ۾ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عَقِيدَت ۽ مَحَبَّت ۽ شان ۽ عظمت ويتر وڌنڌي ويندي  اچو!سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مُختَصَر تَعَارُف ٻڌون ٿا،

غوثِ پاڪ جن جو نالو ۽ نسب

حضرت سَيدُنا غَوْثِ اَعظَم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان 470 هجري جو جيلان ۾ ٿي. غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جو نالو مبارڪ عبد القادر ۽ ڪنيت ابو محمد آهي، محي الدين، محبوبِ سبحاني، غوث اعظم ۽ غوثِ ثقلين وغيره پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جا لقب آهن. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جي والد ماجد جو نالو حضرت سيّدِنا ابو صالح موسٰي جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ والده ماجده جن جو نالو اُمُّ الخير فاطمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه والد جي طرف کان حسني ۽ والده ماجده جي طرف کان حُسيني سيّد آهن. (بهجةالاسرار و معدن الانوار، ذڪرنسبه وصفته ، ص۱۷۱-۱۷۲ملخصاً وملتقطاً)

تُو حُسَیْنی حَسَنی کیوں نہ مُحِیُّ الدِّیں ہو                     اے خِضَر مَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چشمہ تیرا