Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

شَيخ سَيد عَبدُالقَادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بَغداد کان عيادت جي لاءِ تشريف فرما ٿيا، ائين ٻئي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمَا منهنجي زمين تي گڏ ٿيا هتي ٻه کجيءَ جا وڻ هئا جيڪي چئن (4) سالن کان خُشڪ هئا ۽ انهن ۾ميوو (Fruit) پيدا نه ٿيندو هو۔ اسان انهن وڻن کي ڪٽڻ جو اِرادو ڪيو ته حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان مان هڪ وڻ هيٺان وُضُو ڪيائون ۽ ٻي جي هيٺان ٻه نَفل ادا ڪيائون۔ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي وڻ ساوا ٿي ويا، انهن جا پن ڦٽڻ شروع ٿيا ۽ انهيءَ هفتي ۾ انهن کي ميوو لڳي ويو جڏهن ته اهو کجين جي ميون جو وَقت ئي نه هو۔ مون پنهنجي زمين تان ڪجھ کجورون کڻي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضِر ڪيون، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان مان کاڌيون ۽ مون کي فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ تنهنجي زمين، تنهنجي دِرهم، تنهنجي صاع (مخصوص پيماني) ۽ تنهنجي (جانوَرن جي) کير ۾ بَرَڪت ڏي۔‘‘

حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي زمين ۾ هن سال جي مِقدار کان 2 کان 4 ڀيرا وڌيڪ فَصل پيدا ٿيڻ شُروع ٿيو، هاڻي منهنجو حال هي آهي ته جڏهن مان هڪ دِرهم خَرچ ڪيان ٿو ته ان سان مون وٽ ٻه (2) کان ٽي (3) ڀيرا وڌيڪ مال اچي ويندو آهي ۽ جڏهن مان ڪڻڪ جون سو (100) ٻوريون ڪنهن گھر ۾ رکندو آهيان پوءِ ان مان پنجاھ (50) ٻوريون خَرچ ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ باقي کي ڏسندو آهيان ته سو (100) ٻوريون مَوجُود هنديون آهن۔ منهنجا جانور ايتري قَدَر ٻچا ڏيندا آهن جو مان انهن جي ڳڻپ (Counting) وسري ويندو آهيان۔ اهو حال حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بَرَڪت سان اڃا تائين باقِي آهي۔

                                                 (بهجةالاسرار، ذکرفصول من ڪلامه۔۔۔الخ، ص۹۱)

بَہار آئے میرے بھی اُجڑے چَمن میں                     چَلا کوئی ایسی ہَوا غَوْثِ اَعْظَم

رہے شاد و آباد میرا گهرانا                                                   کَرم اَزپئے مُصْطَفٰے غَوْثِ اَعْظَم

                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                        (وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۵۳)