Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

سلام ڪرڻ جون سُنتون ۽ آداب

٭ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ٭ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ٭ سلام ۾ پهل ڪرڻ سنت آهي ٭سلام ۾ پهل ڪرڻ وارو الله عَزَّ وَجَلَّ جو مقرب آهي ٭ سلام ۾ پهل ڪرڻ وارو تڪبر کان به بري آهي جيئن ته منهنجي مڪي مدني آقا مٺي مٺي مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فَرمانِ باصَفا آهي: پَهرين سَلام ڪرڻ وارو تڪبُّر کان بَرِي آهي۔ (شُعَبُ الايمان ج۶ ص ۴۳۳)  سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. (کيميائے سعادت) ٭ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔  ٭ اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون ٭ سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي ٭ سلام ۽ سلام جي جواب جو صحيح تَلَفُّظ ياد ڪري وٺو۔ پهريان مان چوان ٿو اوهان ٻڌي دُهرايو: اَلسَّلامُ عَلَیکُمْ هاڻي پهريان مان جواب ٻڌايان ٿو پوءِ اوهان دُهرايو: وَعَلَیکُمُ السَّلام

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں۽آدابان کان علاوه شيخِ طريقت، امير اهلسنت جا ٻه رسالا ”101مدني پهول“ ۽ ”163مدني پهول“ مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.