Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

(حدائقِ بخشش، ص ۱۹)

حيرت انگيز واقعا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي غَوثِ پاڪ حضرت سَيدُنا شَيخ عبْدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شُمار اَولِياءِ ڪرام جي ان عظيم طَبقي ۾ ٿئي ٿو ته جيڪي پيدائشي وَلِي هئا پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذاتِ با بَرڪات کان ڪرامتن جو ظُهور هن دُنيا ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ۽ ولادَت بعد ئي ٿيڻ لڳو هو، جيئن ته،

پاڻ اڃان پنهنجي والده ماجده جي پيٽ ۾ هئا، جڏهن انهن کي نِڇَ ايندي هئي ۽ هوءَ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ چوندي ته پاڻ پيٽ ۾ ئي جوابًا یَرْحَمُکِ اللہُ (يعني الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان تي رحم فرمائي) چوندا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پهرين رمضان المبارڪ سومر جي ڏينهن صبح صادق جي وقت دنيا ۾ جلوه گر ٿيا، ان وقت چَپَ مبارڪ آهسته آهسته حرڪت ڪري رهيا هئا ۽ الله الله جو آواز اچي رهيو هو. (الحقائق فی الحدائق،  ۱ /۱۳۹بتغیر قلیل) جنهن ڏينهن سندن ولادت ٿي، ان ڏينهن اوهان جي ديارِ ولادت (ولادت واري علاقي) ”جيلان شريف“ ۾ يارنهن سو (1100) ٻار پيدا ٿيا، اهي سڀ جا سڀ ڇوڪرا هئا ۽ سڀ ولي الله بڻيا. (تفریْحُ الخاطر،ص۵۸) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پيدا ٿيندي ئي روزو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن سج لٿو، ان وقت ماءُ جو کير نوش فرمايائون، سڄو رمضان سندن اهو ئي معمول رهيو. (بہجۃ الاسرار، ص۱۷۲مفہوما)

پیدا ہو تے ہی رکھے رَمَضاں میں روزے، دن میں دُودھ               کا     نہ     اک     قَطرہ    پِیا    یا غَوْثِ    اَعْظَم    دَسْتگیر

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          شهبازخطابت           غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت      غوثِ پاڪ          فانوسِ هِدايت          غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عمومًا ٻار جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ موجود هوندو آهي ته ان جي لاءِ ماءُ جو پيٽ ئي سڀ ڪجھ هوندو آهي، هو ٻاهر جي دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجھ به آهي اُن سڀ کان بي خَبَر هوندو آهي پر جِن تي رَبّ تعاليٰ خُصوصي فَضل ۽ اِحسان فرمائي ۽ وِلايت جو تاج جن جي مٿي تي سَجيل