Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

ڏينهن کان اهڙو ٻولندي جو بغداد وارا ٻڌي محفوظ ٿيندا ۽ ڪبوتري سڄي عمر آنا لاهيندي رهي۔  (نزهة الخاطر،ص۵۹)

کیوں نہ جاؤں میں غوث پرواری، آفتیں دُورہوگئیں ساری

 جب  تڑپ  کر  انہیں پکارا ہے،  واہ  کیا  بات  غوثِ اعظم  کی

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۷۸)

مجلس تراجم:

         مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدنا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سموري دنيا ۾ ڪم و بيش 104 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.انهي مان هڪ شعبو مجلس تراجم به آهي. جيڪو امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مڪتبة المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو دنيا جي مختلف زبانن ۾ مثال طور انگلش، عربي، فارسي، فرينچ، جرمن، چائنيز، اٽالين، رشين، هندي، گجراتي، سنڌي، بنگالي جي علاوه ڪم و بيش 36 زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي خدمتِ سر انجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن اردو پڙهڻ وارن سان گڏوگڏ دنيا جون ٻيون زبانون ڳالهائڻ وارا ڪروڙين ماڻهو به فيضياب ٿين ۽ انهن جو اهو ئي مدني ذهن بڻجي وڃي ته. ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مجلس تراجم جا تمام ڪتاب ۽ رسالا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي موجود آهن. ان کان علاوه مدني اسلامڪ ئي بڪ لائبريري (Islamic eBooks Library) جي نالي سان موبائل ايپلڪيشن به آهي. جنهن جي مدد کان اوهان ڪتابن ۽ رسالن جو نه صرف پاڻ مطالعو ڪري سگهو ٿا بلڪه پنهنجي دوست ۽ احباب  کي هن ايپلڪيشن جو link شيئر ڪري ثوابِ جاريه جو سامان ڪري سگهو ٿا.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

(وسائل بخشش مرمم،ص۳۱۵)