Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

خيال سان ته مغفرت جي دعا ڪرائيندس۔ اڃا ٻه قدم ئي ان ڏانهن وڌيس ته ان بزرگ مون ڏانهن منهن ڪري آسمان ڏانهن هٿ کڻي ٽي دفعا چيو؛ ”اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِاَخِیْ ھٰذَا، اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِاَخِیْ ھٰذَا، اَللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِاَخِیْ ھٰذَا (اي الله! منهنجي هن ڀاءُ کي بخش، اي الله! منهنجي هن ڀاءَ جي مغفرت فرماءِ، اي الله! منهنجي هن ڀاءُ کي معاف فرماءِ) آئون سمجهي ويس ته ڄڻ فرمايائون؛ ”اسان تنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو، هاڻي اسان جي ڪم ۾ رڪاوٽ نه وجهه“مان ائين ئي موٽي آيس۔“

                                                    (ملفوظات اعليٰ حضرت، ص۴۸۹-۴۹۰ ملتقطاً)

کرم ہو واسِطَہ کُل اَوْلِیاء کا

مِرا اِیماں پہ مَوْلیٰ خاتِمَہ ہو

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۳۱۶)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! جهڙي طرح اَولِياء ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم ،اَجْمَعِين جي دُعائن سان بگڙي بڻجي ويندي آهي ۽ قِسمَت سَنوَرجي ويندي آهي، ائين ئي جيڪڏهن اهي حضرات ناراض ٿي ڪنهن جي خِلاف دُعا ڪن ته اهو ماڻهن لاءِ عِبرَت جو نشانو بڻجي ويندو آهي، جيئن ته،

بزرگن جي دعا  ۽  دعاءِ ضرر  جو  اثر

شَيخُ الحديث حضرت علّامه عبدُ المُصطفيٰ اَعْظَمِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله تعاليٰ جي مَحبوب ٻانهن (مثال طور) عُلَمَاء، اَولِياء ۽ تمام صالِحِين (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين) جي ڪنهن جي خِلاف دُعائون نهايت ئي خطرناڪ ۽ هلاڪت ڪندڙ بلائون آهن۔ انهن بُزرگن جي دُعاءِ ضَرَر ۽ بد دعا اها تَلوار آهي جنهن جي ڪا ڍال ناهي ۽ هي تباهي ۽ بَربادِي جو اهو زهر آلود تِير آهي جنهن جو نشانو ڪڏهن به گُسندو ناهي، تنهنڪري هر مسلمان تي لازِم آهي ته سڄي زِندَگي هر هر قَدَم تي اهو ڌيان رکي ته ڪڏهن به الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن جي شان ۾ ذرّي برابر به بي اَدَبي نه ٿئي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين مان ڪنهن جي به دُعاءِ ضَرَر نه وٺي بلڪه هميشه ان ڪوشِش ۾ لڳل رهي ته خُدا عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن