Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

شَرِيفَين جي باادَب حاضِري جي دُعائن جي لاءِ عَرض ڪريون۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن کان دُعا ڪرائڻ اسان جي اَسلافِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جو مَعْمُول رهيو آهي، جيئن ته حضرت سَيدُنا اَنَس بِن مالِڪ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: الله عَزَّ وَجَلَّ نيڪ ماڻهن کان دُعا ڪرائڻ اسان تي لازِم فرمايو آهي ڇاڪاڻ ته اهي رات کي قِيام جي حالت ۾ ۽ ڏينهن کي روزي جي حالت ۾ گذاريندا آهن ۽ فِسق وفُجُور (گُناهن) کان پري رهندا آهن۔          (جامع صغير ، حرف الجيم، حديث: ۳۵۹۰، ص۲۱۹) 

تمہارا فَضْل ہے جو میں غُلامِ غَوْث و خَواجہ ہوں

نہ ہو کم اَوْلِیا کی دِل سے اُلفت یا رَسُولَ اللہ

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۳۳۰)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

اچو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين کان پنهنجي لاءِ دُعا ڪرائڻ جي باري ۾ اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنّت مَولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هڪ واقِعو ٻڌون ٿا، جيئن ته،

دعا جي لاءِ تشريف کڻي ويا

اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسُنّت مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته پهريون دفعو مديني شريف جي حاضريءَ جي موقعي تي جڏهن مِنيٰ شريف جي مسجد مان سڀ ماڻهو هليا ويا ته مسجد جي اندرئين حصي ۾ هڪ شخص کي ڏٺو ته قبلي ڏانهن رخ ڪري وظيفي ۾ مصروف هو۔ مان مسجد جي اڱڻ ۾ دروازي وٽ هئس، ۽ ڪو ٽيون شخص مسجد ۾ نه هو. اوچتو مسجد ۾هڪ آواز جهونگار وانگر محسوس ٿيو جيئن ماکيءَ جي مک جي آواز هوندي آهي۔ هڪدم منهنجي دل ۾ هي حديث پاڪ آئي؛ ”الله وارن جي دل مان اهڙو آواز نڪرندو آهي جيئن ماکيءَ جي مک جو آوازهجي۔“ (المستدرک ج 2 ص 180 حديث 1898) مان وظيفو ڇڏي ان ڏانهن ويس ته ان کان مغفرت جي دعا ڪرايان ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مان ڪڏهن به ڪنهن بزرگ وٽ دنيا جي حاجت لاءِ نه ويس، جڏهن ويس هن