Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

سُلطانِ ولايت            غوثِ پاڪ          شهبازِخِطابَت           غوثِ پاڪ

فانوسِ هِدايت           غوثِ پاڪ          سلطان ولايت           غوثِ پاڪ

٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ٭مرحبا يا غوثِ پاڪ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حِڪايت ۾ کوڙ مَدَني گل موجود آهن، مَثال طور اسان جا غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سُنّت جا پابند هئا جو سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٻين سُنَّتن تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ بيمارن جي عِيادت ڪرڻ واري سُنّت ادا ڪندا هئا، تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان به غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نَقشِ قَدَم تي هلندي مريضن جي عِيادت واري هن سُنّت کي اپنايون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حديث جي ڪتابن ۾ ڪئي مقامن تي بيمار جي عِيادت ڪرڻ جون عَظِيمُ الشَّان فضيلتون بيان ٿيون آهن۔ اچو! تَرغِيب خاطر ٽي (3) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا جيئن ته،

(1) مسلمان جڏهن پنهنجي مُسَلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪندو آهي ته هو (ان وٽان) موٽي اچڻ تائين جنّت جي باغ ۾ رهندو آهي۔

                      (مسلم، کتاب البرّ والصلة والآداب،باب فضل عيادة المريض،ص ۱۰۶۵، حديث: ۲۵۶۸)

(2) جيڪو مُسَلمان صُبح جي وَقت ڪنهن مُسَلمان جي عِيادت ڪري ته ستّر هزار (70000) ملائڪ ان کي شام تائين دُعائون ڏيندا آهن ۽ جيڪو شام جي وقت عِيادت ڪري ته صُبح تائين ستّر هزار (70000) ملائڪ ان کي دُعائون ڏيندا آهن ۽ ان جي لاءِ جنّت ۾ باغ هوندو۔

                        (ترمذي، کتاب الجنائز عن رسول الله، باب ما جاء في عيادة المريض، ۲/۲۹۰، حديث:۹۷۱)

(3) جيڪو چڱي طرح وُضُو ڪري ۽ ثَواب جي لاءِ پنهنجي مُسَلمان ڀاءُ جي بيمار پُرسي (عيادت) ڪري ته ستّر (70) سال جي مفاصِلي تي دَوزَخ کان پري رکيو ويندو۔ (ابوداود،کتاب الجنائز،باب في فضل العيادة علي وضوء، ۳/ ۲۴۸، حديث : ۳۰۹۷)

مَشْهور مُفَسِّرِ قُرآن،حڪيمُ الاُمَّت حضر ت مُفتِي اَحمد يار خان نَعِيمِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی