Book Name:Yazeed ka bura kirdar

ڪيائين، بلڪ ڇوڪري کي به قتل ڪري ڇڏيائين. ان ڪري توهان شراب کان بچندا رهو. الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! بيشڪ ايمان ۽ شراب نوشي ٻئي ڪنهن هڪ ئي شخص جي سيني ۾ ڪڏهن جمع نٿا ٿي سگهن. (جيڪڏهن ڪو ائين ڪندو ته) ايمان ۽ شراب مان هڪ، ٻئي کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو. (الاحسان بترتيب صحيح ابن حبان، ڪتاب الاشربة، فصل في الاشربة، الحديث:۵۳۲۴،ج۷، ص۳۶۷۔)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته شرا ب ڪيتري بُري شيء آهي جو جنهن جي پيئڻ کان بعد انسان هر طرح جو گُناھ آساني سان ڪري وٺندو آهي۔ ياد رکو! شراب نوشي جا جتي اُخروي نُقصان آهن اتي ان جا دُنياوي نُقصان به تمام گھڻا آهن۔ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: اسلام شراب نوشي کي جيڪو حرام قرار ڏنو آهي، انهيءَ ۾ بي شمار حڪمتون آهن. هاڻي ڪافر به ان جي نقصانن کي تسليم ڪرڻ لڳا آهن. جيئن ته هڪ غير مسلم محقق جي تاثرات مطابق شروع شروع ۾ ته انساني بدن شراب جي نقصانن جو مقابلو ڪري وٺي ٿو ۽ شرابيءَ کي خوشگوار ڪيفيت ملي ٿي، پر جلد ئي داخلي (يعني جسم جي اندروني) قوتِ برداشت ختم ٿي ويندي ۽ مستقل نقصان پهچائڻ وارا اثرات ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا. شراب جو سڀ کان وڌيڪ اثر جگر تي پوي ٿو ۽ اُهو سُڪڙجڻ لڳي ٿو، گُردن تي اضافي بار پوي ٿو، جيڪي آخرڪار بيڪار ٿي ڪري نتيجي طور ناڪاره (Fail) ٿي وڃن ٿا. ان کان علاوه شراب جي استعمال جي ڪثرت دماغ کي مُتَـوَرَّم (يعني سوڄ ۾ مبتلا) ڪري ٿي، اعصاب ۾ سوڄ ٿي وڃي ٿي، نتيجتًا اعصاب ڪمزور ۽ پوءِ تباهه ٿي وڃن ٿا. شرابيءَ جي معدي ۾ سوڄ ٿي پوي ٿي، هڏيون نرم ۽ خسته (يعني تمام گهڻيون ڪمزور) ٿي وڃن ٿيون، شراب جسم ۾ موجود وٽامنز(Vitamins)