Book Name:Yazeed ka bura kirdar

جي ذخيرن کي تباهه ڪري ٿي، وٽامن B ۽C ان جي تباهه ڪاري جو خاص طور تي نشانو بڻجن ٿا. شراب سان گڏوگڏ سگريٽ نوشي ڪئي وڃي ته انهيءَ جا نقصانده اثرات ڪيترائي ڀيرا وڌي وڃن ٿا ۽ هائي بلڊ پريشر، اسٽروڪ ۽ هارٽ اٽيڪ (Heart Attack) جو شديد خطرو رهي ٿو. ڪثرت سان شراب پيئڻ وارو ٿَڪ، مٿي جي سور، اُلٽي ۽ اُڃ جي شدت ۾ مبتلا رهي ٿو. تمام گهڻو شراب پيئڻ سان دل ۽ عملِ تَنَفُّس (يعني ساهه کڻڻ جو عمل) رڪجي ويندو ۽ شرابيءَ فوري طور تي موت جي ور چڙهي ويندو آهي. (فيضانِ سنت، ص۴۲۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شراب نوشي جي نحوست کان بچڻ جي لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي، ٻڌو ان جو هڪ طريقو هي آهي ته بُرن دوستن (شرابين) جي صحبت ڇڏي ڪري چڱن جي صحبت اَپنائي وٺي، ته جيئن ان جي برڪت سان شراب نوشي ۽ ان طرح جي ٻين بُرائين کان جند ڇٽي وڃي۔ اڄڪلھ چڱي صُحبت ماڻڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اپنائڻ به آهي جو ان جي برڪت سان مُعاشري جا بگڙيل لکين ماڻهو توبه ڪري سڌي واٽ تي اچي ويا۔ اسان به مدني ماحول سان هردَم وابسته رهون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي زندگي ۾ نيڪين جي مدني بهار اچي ويندي.

شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي ڪندي ۽ نصيحت جا مدني گل عام ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا:

گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی

اگر چور ڈاکو بھی آ جائیں گے تو

 

چڑھائے گا  ایسا  نشہ  مَدَنی  ماحول

سُدھر جائیں گے گر ملا مَدَنی ماحول

نَمازیں جو پڑھتے نہیں ہیں ان کو لارَیب

 

نمازی ہے دیتا بنا مَدَنی ماحول

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد