Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

ڪنديون آهن، گناهن ڏانهن رُجحان گھٽ ٿي ويندو آهي ۽ عبادت جي رغبت پيدا ٿي ويندي آهي، جڏهن ته جواني زندگي جو اهو اَهم دَور آهي جنهن ۾ انساني طبيعت تي نفساني خواهشن جو غلبو گھڻو ٿيندو آهي، جيئن ته زندگي جي هن حصّي ۾ جسم جا عضوا سلامت ۽ تندرست هوندا آهن ته نوجوان ”جواني ديواني آهي“ جي مطابق پنهنجي مقصدِ حيات کي وساري ڇڏيندا آهن ۽ زندگي جي انهن قيمتي لمحن کي رضاءِ اِلٰهي وارن ڪمن ۾ گذارڻ بدران بي حيائي جي ڪمن ۾ برباد ڪندا آهن۔ ان ڪري نوجوان نسل کي بي حيائي جي تباهيءَ کان بچائڻ جي لاءِ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي مثالي زندگي هڪ آئيڊيل جي حيثيت رکي ٿي، انهن نيڪ هستين کي نفس ۽ شيطان لک برائي تي اُڀاري پر اُهي پاڪ هستيون جواني ۾ به حياء جو دامن مضبوطيءَ سان جهلي رکندا هئا ۽ ان جي بدلي ۾ الله تعاليٰ جي بارگاھ مان انعام ۽ اڪرام جا حقدار بڻجندا هئا، اچو! اهڙي ئي هڪ باحيا نوجوان جي ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا، جيئن

بيشڪ مون کي ٻه (2) جنّتون عطا ڪيون ويون

حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ زماني ۾ هڪ نوجوان نهايت متقي ۽ پرهيز گار ۽ عبادت گذار هو۔ حضرت سَيدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به ان جي عبادت تي تعجب ڪندا هئا۔ اهو نوجوان نمازِ عشاء مسجد ۾ ادا ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ويندو هو۔ رستي ۾ هڪ خوبصورت عورت ان کي پاڻ ڏانهن سڏيندي هئي، پر اهو نوجوان ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ بغير نگاهون هيٺ ڪري هليو ويندو هو۔ آخرڪار هڪ ڏينهن اهو نوجوان شيطان جي وسوسي ۽ ان عورت جي دعوت تي بُرائي جي ارادي سان ان ڏانهن اڳتي وڌيو، پر جڏهن ان جي دروازي وٽ پهتو ته ان کي الله تعاليٰ جو هي فرمانِ عاليشان ياد اچي ويو:

 سيپارو 9، سُوْرَه اَعْرَاف، آيت نمبر201