Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

شيطان جو ڪم ڪهڙو آهي؟

هنن آيتن جي تحت تفسير ۾ آهي ته شيطان جو ڪم ئي اهو آهي ته اهو ماڻهن کي برائي ڏانهن سڏي، ڪفر ۽ شرڪ ڏانهن، الله تعالٰي جي باري ۾ غلط عقيده منسوب ڪرڻ ڏانهن يا ان جي حلال ڪيل کي حرام چوڻ ۽ ان جي حرام ڪيل کي حلال چوڻ ڏانهن، بُرن ڪمن مثال طور ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعده خلافي، بُهتان، لڙائي فساد، حسد، بغض ۽ ڪيني وغيره ڏانهن سڏي۔ اهڙي طرح بي حيائي جي ڪمن ڳائڻ وڄائڻ، فلمون، ڊراما، ناچ، بدنگاهي، فحش گفتگو، برين ڳالهين، ناجائز تعلقات، بُري نيت سان ڏسڻ، ڇُهڻ، بدڪاري وغيره گناهن ڏانهن سڏڻ شيطان جو ڪم آهي۔ افسوس جي ڳالھ آهي جو اڄڪلھ انهن بُرائين مان گھڻين شين ڏانهن سڏڻ ۾ گھروارن ۽ دوست عزيز، گھر، بازار، معاشري، افسر وغيره جو تعاون يا ترغيب هوندي آهي۔

في زمانه هن ترقي يافته دور ۾ بي حيائي ۽ بي شرمي جا اهڙا ڪيئي مثال مَوْجُود آهن جو هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ ۽ مڙس پنهنجي زال جنهن سان ان کي غير مردن کان پردو ڪرائڻو هو، اهو خود ئي شادي ڪاڄ ۽ ٻين تقريبن ۾ غير مردن سان پيءُ پنهنجي بي پرده ڌيءُ جو ائين تعارف ڪرائيندو آهي ته ’’هن سان ملو هيءَ منهنجي ڌيءُ آهي۔‘‘ مڙس چوي ٿو ته ’’هيءَ منهنجي زال (Wife) آهي۔‘‘ ۽ پوءِ اهو اجنبي شخص به بي شرميءَ جو مظاهرو ڪندي اکيون ڦاڙي ڏسندو آهي ۽ وڏي بي شرمي ۽ بي حيائي مان چوندو آهي ”اوهان سان ملي نهايت خوشي ٿي۔“ ماڻهن جي هن انداز سان ته ڄڻ ائين معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي معاشري مان شرم ۽ حياء ئي ختم ٿي ويو آهي۔ اهڙن ماڻهن جي مذمّت ڪندي نبي ڪريم، رؤف رحيم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته ٽي شخص اهڙا آهن، جن لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جنّت حرام فرمائي ڇڏي آهي ، هڪ اهو شخص جيڪو هميشه شراب پيئي، ٻيو اهو شخص جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ