Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

کان سچي توبه ڪيو ۽ آئنده بي حيائي جي تمام ڪمن کان بچڻ جي نيت ڪيو ۽ شرم وحيا اپنائڻ جي ڪوشش ڪيو۔ اچو! هاڻي شرم وحياءُ اپنائڻ جا ڪجھ طريقا ٻڌون ٿا۔

الله عَزَّوَجَلَّ ڏسي رهيو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها هڪ فِطري ڳالھ آهي ته جيڪڏهن اسان کي تنهائي ۾ گناھ ڪرڻ مهل اسان جو ڪو سڃاڻڻ وارو ڏسي وٺي ته اسان گھڻو شرمسار ٿيندا آهيون، ان جي سامهون اچڻ کان به پاسو ڪندا آهيون، جيڪڏهن اسان اهو ئي ذهن پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ جي باري ۾ به بڻائي وٺون ته’’الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي ڏسي رهيو آهي‘‘ ته هن طرح گناهن کان بچڻ سان گڏوگڏ اسان ۾ شرم ۽ حياءُ به پيدا ٿيندو۔

اکين جو قُفلِ مدينه لڳائڻ جو هڪ مَدَني نسخو

حُجَّةُ الْاِسلام حضرتِ سيدُنا امام محمدغَزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِحْياءُ الْعُلُوم ۾ نَقل فرمائن ٿا: هڪ شخص حضرت سيدنا جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيو: نگاهون جھڪائي رکڻ لاءِ مون کي ڪهڙي ڳالھ مدد ڏئي سگھي ٿي ؟ ارشاد فرمايائون: اهو ذهن بڻايو ته جنهن ڏانهن توهان نظر ڪري رهيا آهيو ان کان پهريان توهان کي هڪ ڏسڻ وارو (يعني الله عَزَّوَجَلَّ) ڏسي رهيو آهي۔

(احياء العلوم، ۵/۳۲۵ )

حياء جا فضائل ۽ بي حيائي جون سزائون:

  شرم ۽ حياء جي عادت اپنائڻ جي لاءِ هر هر حياء جا فضائل ۽ بي حيائي جون وَعِيديون پڙھندا يا ٻڌندا رهو ۽ ان باري ۾ غور ۽ فڪر ڪيو، ٻين کي به اهي روايتون ٻڌائي انهن جو به ذهن بنايو۔ ان جو فائدو اهو ٿيندو ته اهي روايتون اسان جي ذهن ۾ محفوظ رهنديون ۽ بي حيائي ۽ بُرن ڪمن کان بچندي شرم ۽ حياء نصيب ٿيندو۔  اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ