Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

بي حيائي جي نقصانن تي غور ڪري

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بي حيائي جا اُخروي نُقصان ته پنهنجي جڳھ آهن، ان جا دنياوي نُقصان به گھٽ نه آهن، بي حيا انسان معاشري ۾ ذليل وخوار ٿيندو آهي، اُن جو رُعب ۽ دَٻدٻو به ختم ٿي ويندو آهي ، ماڻهن جي دِلين ۾ ان جي لاءِ ٿوري به عزت ۽ وُقعت ناهي رهندي، ان کان علاوه ٻيا به ڪيئي نُقصان آهن بهر حال پنهنجي اندر شرم وحياء پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان بي حيائي جي نُقصانن تي غور ڪيون ۽ ان جا اُخروي نُقصان ته ويتر وڌيڪ سخت آهن جيئن ته حضرتِ سيدُنا ابراهيم بن مَيسَره  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته: ''فحش ڪلامي (يعني بي حيائي جون ڳالهيون) ڪرڻ وارو قِيامت جي ڏينهن ڪتي جي شَڪل ۾ ايندو۔ (اِتحافُ السّادَۃ للزّبيدي ج۹ ص۱۹۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بَيان جو خُلاَصو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان اسلافِ ڪرام جي شرم و حياءُ جي باري ۾ بيان ٻڌو۔

* حضرت سيدنا عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شرم و حياءُ ڪهڙو هو جو شرم و حياءُ جا پيڪر،ٻنهي جهان جا سرْوَر  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به سندن شرم و حياء جو اِڪرام ڪندا هئا * حضرت سيدنافاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ دَور جي متقي ۽ پرهيزگار نوجوان کي خوفِ خدا ۽ شرم وحياء جي سبب مرڻ کان پوءِ 2 جنّتون عطا ڪيون ويون۔ * خاتونِ جنّت،شهزادي ڪونَين، حضرت سيدَتُنا فاطِمةُ الزّهرارَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا جي شرم و حياء سان مالا مال واقعو اُمّتِ مسلمه جي عورتن جي لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي * شرم وحياء انسان جي زندگي ۾ نکار پيدا ڪري ان کي معاشري جو معزّز فرد بڻائيندو آهي ۽ ان جي برعڪس بي حيائي انسان کي ذليل ۽ رسوا ڪندي آهي* بي حيائي بد بختي جي علامت آهي * بي حيائي دل کي پٿر جيان سخت ڪندي آهي * بي حيائي انسان کي