Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

الله عَزَّوَجَلَّ کان حيا ڪرڻ جي معنٰي

 حضرت سَيِّدُنا عبدالله اِبۡنِ مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضور اڪرم، نُورِ مُجسَّم، شاه بني آدم، رسول محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم کي فرمايو: ”الله عَزَّوَجَلَّ کان حياء ڪريو، جھڙو حياء ڪرڻ جو حق آهي۔“ سَيِّدُنا عبدالله ابن مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا، اسان عرض ڪيو: ”اسان اللهعَزَّوَجَلَّ کان حياء ڪريون ٿا ۽ سڀئي خوبيون الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ آهن“ ارشاد فرمايائون: ”ائين ناهي، بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ کان ڪماحَقُّه حياء ڪرڻ جي معنيٰ هي آهي ته مٿو ۽ مٿي ۾ جيترا عضوا آهن انهن جي، پيٽ جي ۽ پيٽ جن جن عضون تي مشتمل آهي، انهن جي حفاظت ڪري ۽ موت، مرڻ کان پوءِ ڳرڻ سڙڻ کي ياد ڪري ۽ آخرت کي چاهڻ وارو دنيا جي سونهن ۽ سينگار ڇڏي ڏئي ٿو، ته جنهن ائين ڪيو انهي الله عَزَّوَجَلَّ کان شرمائڻ جو حق ادا ڪيو۔“

(مسند امام احمد، ۲ /۳۳،حديث:۳۶۷۱)

۽ جيڪڏهن اسان سڄي زندگي هٿن پيرن کي گناهن ۾ مشغول رکيو، زبان کي فحش ڳالهين جو عادي بڻايو، اکين سان بدنگاهي ڪندا رهياسين ته يادرکو! اهي ئي عضوا سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اسان جي خلاف گواه بڻجي ويندا، جيئن ته سيپارو 18سُوْرَه نُوْر جي آيت نمبر24 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:

یَّوۡمَ  تَشۡہَدُ عَلَیۡہِمۡ اَلۡسِنَتُہُمۡ وَ اَیۡدِیۡہِمۡ  وَ  اَرۡجُلُہُمۡ  بِمَا  کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ  ﴿۲۴﴾

ترجَمو ڪنز الايمان: جِنهن ڏِينهن اُنهن تي شاهدِي ڏِينديُون سندن زِبانُون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير، جو ڪُجھ ڪندا هُئا.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڊڄي وڃو ۽ گھٻرائي جھٽ پٽ توبه ڪري وٺو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اڄ جن عضون سان اسان بي حيائي وارا ڪم ڪندي نٿا شرمايون ۽ بنا ڊپ جي پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ جي نافرمانين ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن بارگاھِ الٰهي ۾ اهي عضوا اسان جي خلاف گواه بڻجي اسان کي جهنم ۾ نه پهچائي ڇڏين۔ ان ڪري اڄ ئي سمورن گناهن