Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

هئاسين۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مون نه زمانهٔ جاهليت ۾ ڪڏهن بدڪاري ڪئي هئي ۽ نه ئي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ۔ (بلڪ) اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ منهنجي حياء ۾وڌيڪ اضافو ٿيو۔“

(سنن النسائي ،ڪتاب المحاربۃ ،باب ذڪر ما يحل به دم المسلم ، الحديث ٤٠٢٤،ص ٢٣٥١، مختصرا)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني ذُو النُّورَينرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نهايت ئي پياري وصف ”شرم ۽ حيا“ جي باري ۾ ايمان افروز واقعو ٻڌو، 18 ذُوالْحِجَّة الْحَرَام تي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو يومِ عُرس، يومِ شهادت ملهايو ويو۔ اچو! انهيءَ مناسبت سان پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ سيرت جون ڪجھ جھلڪيون ٻڌون ٿا:

* پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو ”عثمان“ ڪنيت ”ابوعَمۡرو“ ۽ لقب ”جامِعُ القرآن ۽ ذُوالنّورين“ آهن * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ خُلَفاءِ راشِدين ۾ ٽيا خليفه آهن * سرڪارِ عالم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون 2 شهزاديون پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نڪاح ۾ هڪ ٻئي پٺيان آيون * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ شڪل ۽ صورت ۾ حضرت سيدنا ابراهيم عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گھڻا مشابه هئا * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شان ۾ قرآني آيتون نازل ٿيون * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان ملائڪ به حياءُ ڪندا هئا * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ راھِ خدا ۾ 2 ڀيرا هجرت ڪئي * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وڏاواپاري ۽ بي حد سخي هئا * نبيء رحمت، مالڪِ جنّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي جنّت جي خوشخبري ٻڌائي* پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ 82 سالن جي عمر ماڻي۔ * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وڏي ئي مظلوميت سان، روزي جي حالت ۾ تلاوتِ قرآن ڪندي شهادت جو مرتبو ماڻيو۔

رکھا محصُور ان کو بند ان پر کر دیا پانی

شہادت حضرتِ عثمان کی بے شک ہے لاثانی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد