Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”علاقائي دَوره براء نيڪي جي دعوت“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسلافِ ڪرام جي شرم و حياء جو صدقو ماڻڻ ۽ بي حيائي جي آفت کان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ پنهنجي گلي محلي ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪيو، ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”عَلاقائي دَورو براء نيڪي جي دعوت“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ اهو عظيم الشّان ڪم آهي جو جنهن کي حديثِ مبارڪه ۾ جِهاد جي قسمن مان (شمار ڪيو ويو) (حِلْيۃُ الْاولياء،محمد بن سوقۃ،۵/۱۱،حديث: ۶۱۳۰ماخوذاً) جڏهن ته هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ واري کي بهتر ماڻهن ۾ شمار فرمايو ويو آهي۔  (شعب الايمان،باب في صلۃ الارحام، ۶/۷۲۲۰، حديث: ۷۹۵۰ماخوذاً)

اچو! ترغيب لاءِ ”عَلاقائي دَوره براءِ نيڪي جي دعوت“ تي مشتمل هڪ مَدَني بهار ٻُڌون ۽ پنهنجي اندر نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جيئن ته

نِيت صاف منزل آسان

عَلاقائي دَورو براءِ نيڪي جي دعوت جي دَوران عاشقانِ رسول جي هڪ شرابي سان ملاقات ٿي، عاشِقانِ رسول اُن تي خُوب اِنْفرادي ڪوشش ڪئي ته اهو هٿوهٿ انهن سان گڏجي پيو، عاشقانِ رسول جي صحبت جي بَرَڪت سان ان کي گناهن کان سچي توبه، ڏاڙھي مُبارَڪ، سبز عمامي جو تاج ۽ مَدَني لباس جي توفيق نصيب ٿي، 6 ڏينهن مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪري سگھيو، وڌيڪ 92 ڏينهن جي لاءِ نيت ڪئي پر سفر جا اَخْراجات نه هئا۔ ان جي هڪ رشتيدار جڏهن مُعاشَري جي بَدنام شخص کي مَدَني حُليي ۾ ڏٺو ته حيران ٿي ويو، جڏهن اُن کي 92 ڏينهن جي سفر جي ترڪيب ٻُڌائي وئي ته ان رشتيدار چيو، پيسن جو فِڪر نه ڪريو۔ 92 ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ سفر جو خرچ منهنجو قبول ڪريو ۽ ان سان گڏ 92 ڏينهن تائين گھر جو خرچ به پنهنجي ذمّي کڻان ٿو، ائين اهو ديوانو 92 ڏينهن جي لاءِ مَدَني قافِلي جو مُسافر بڻجي ويو۔