Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

ناراض ڪندو آهي بلڪ هر وقت ان جي دل ۽ دماغ تي شيطان سوار رهندو آهي، عجيب بي سڪوني ۽ نفساني خواهشون ۽  خيالات غالب رهندا آهن ۽ ٻانهون نفس جي تسڪين جي لاءِ وڌيڪ هلاڪ ڪندڙ گناهن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ اچو! بزرگانِ دين جي شرم ۽ حياء ۽ نظر جي حفاظت جا وڌيڪ واقعا ٻڌون ٿا۔

منقول آهي :حضرتِ سيدُنا اَسوَد بن ڪُلثُوْم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت ئي باحيا ۽ صالح نوجوان هئا۔ هلڻ مهل پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون نگاهون هميشه اهڙي طرح جھڪيل رهنديون هيون جو ويجھي کان گذرڻ وارن جي به خبر نه پوندي هئي۔ ان وَقْت گھرن جون ديوارون ايتريون بلند نه هونديون هيون۔ هڪ ڀيري پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھرن جي ويجھي کان گذري رهيا هئا ته ڪنهن عورت ٻين عورتن کي چيو: جلدي گھرن اندر هليون وڃون، هڪ نوجوان اچي پيو۔ اهو ٻُڌي ٻين عورتن چيو: اڙي! اهي ته حضرتِ سيدُنا اَسوَد بن ڪُلثُوْم  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن، ان جون نگاهون ته زمين تان کڄن ئي نٿيون پوءِ اهي ڪنهن غير عورت تي نظر ڇو وجھندا۔ ( عيون الحڪايات،الحڪايۃالسابعۃ والسبعون بعدالثلاثمائۃ،ص۳۲۹)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

آئنده ڪڏهن به مٿي نه ڏسندس

حضرت سيدُنا مَجمَع  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀيرو مٿي نِهاريو ته هڪ ڇت تي موجود ڪنهن عورت تي نظر پئجي وئي۔ يڪدم نِگاه جُھڪائي ورتي ۽ ايتري قَدَر پَشَيمان ٿيا جو عهد ڪري ورتائون ته آئنده ڪڏهن به مٿي نه ڏسندس۔

 (احياء العلوم،۵ /۱۴۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شرم ۽ حياءُ نهايت پيارو وصف آهي، پر بدقسمتي سان اڄ جي دور ۾ گناهن جا نِت نَوَن اندازن ڄڻ ته غيرت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي۔ شرم ۽ حياء جي چادر ليڙون ليڙون ٿيندي پئي وڃي، جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون دوستيون، مخلوط تعليمي اِدارن (Co-Education) ۾ گڏجي ”اعليٰ تعليم“ حاصل ڪرڻ جي نالي تي غيرتِ ايماني ختم ٿيندي پئي وڃي،