Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

موبائل،انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا (Social Media) جي ذريعي معلوم ناهي ڪهڙي ڪهڙي غير شرعي انداز سان هڪ ٻئي سان رابطو قائم ڪري آخرت جي بربادي جو سامان گڏ ڪيو پيو وڃي۔ جي ها! هاڻ نوبت صرف هڪ ٻئي سان ڳالھ ڪرڻ تائين ناهي بلڪ هڪ ٻئي کي تصويرون موڪليون وينديون آهن، هاڻي ته معاذالله عَزَّوَجَلَّ ڪيئي موقعن مثال طور عيدِ سعيد تي ته ڪڏهن جشنِ آزادي جي نالي تي، ڪڏهن غير مسلمن جي نقل ڪندي ”ويلنٽائن ڊي“ جي نالي تي ته ڪڏهن ”اپريل فُول“ جي نالي تي، ڪڏهن "پتنگ بازي" جي نالي تي ڪڏهن ٻار جي سالگره جي نالي تي اهتمام سان ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي، ڄڻ ته بي شرمي ۽ بي حيائي عُروج تي هوندي آهي، معاذالله عَزَّوَجَلَّ بي پرده عورتون سنورجي سينگارجي دعوتِ نظاره پيش ڪري رهيون هونديون آهن، هاڻي ته سفر چاهي بس ۾ هجي يا ٽرين ۾، ڪوچ ۾ هجي يا هوائي جهاز ۾، هرجڳھ بي شرمي ۽ بي حيائي جي نظارن کان پاڻ کي بچائڻ نهايت مشڪل ٿي ويو آهي۔ الله تبارڪ وتعاليٰ اسان جي ايمان جي حفاظت فرمائي، زبان، اک، ڪن ۽ جسم جي ٻين عضوَن جو قفلِ مدينه نصيب فرمائي۔

دوزخ کی کہاں تاب ہے کمزور بدن میں

ہر عُضْو کا عطارؔ لگا قفلِ مدینہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اکين کان پياري رضاءِ الٰهي

پنهنجي زماني جا مشهور ولي حضرت سَيدُنا يونس بن يوسف رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جوان هئا، اڪثر وقت مسجد ۾ ئي گذاريندا هئا هڪ ڀيرو مسجد مان گھر اچڻ مهل اوچتو هڪ عورت تي نگاھ پئي ۽ دل ان ڏانهن مائل ٿي پر پوءِ يڪدم ئي شرمسار ٿي توبه ڪئي ۽ بارگاھ اِلٰهي ۾ ائين دعا ڪئي: ’’اي منهنجا پاڪ پروردگار! اکيون جيتوڻيڪ تمام وڏي نعمت آهي، پر هاڻي مون