Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

جو ميڙ ٿيندو آهي، اتي ڌڪا کائيندا، خوب بدنِگاهي ڪندا ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بربادي جو سامان ڪندا آهن۔ ياد رکو! عورت کي گندي نظر سان ڏسڻ انسان جو نه بلڪ شيطان جو ڪم آهي۔ اچو بدنگاهي جي مذمت تي ٽي (3) فرامينِ مصطفي ٻڌون ٿا:

1.          اَلْمَرْاَةُ عَوْرَةٌ فَاِذَا خَرَجَتْ اِسْتَشْرَفَهَا الشَّيْطَانُ۔عورت عورت (يعني لڪائڻ جي شيء) آهي جڏهن اها نڪرندي آهي ته شيطان ان کي جهانڪي جهانڪي ڏسندو آهي۔

 (ترمذي، ۲ /۳۹۲، حديث:۱۱۷۶)

2.           زِنَا الْعَيْنِ النَّظَرُ۔ اکين جي بدڪاري ڏسڻ آهي۔

 (ابو داود،ڪتاب النڪاح،باب في ما يؤمر به من غض البصر،۲ /۳۵۸، حديث:۲۱۵۲)

3.          الله جي محبوب، داناءِ غُيوب، مُنَزَه عَنِ الْعُيوبْ عَزَّوَجَلَّ و  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ حلاوت نشان آهي ته حديثِ قُدسي آهي: نظر ابليس جي تِيرن مان زهر مان ڀڙيل هڪ تِير آهي، پوءِ جيڪو شخص منهنجي خوف کان ان کي ترڪ ڪري ڇڏي ته مان ان کي اهڙو ايمان عطا ڪندس جنهن جي مٺاس اهو پنهنجي دل ۾ محسوس ڪندو۔ (معجم الڪبير،۱۰/۱۷۳،حديث:۱۰۳۶۲)

حُجَّة الْاِسْلَام حضرت سيدُنا امام محمد غزالي عَلَيه رَحمَةُ اللّٰه ِالوَالِي مِنْهَاجُ الْعَابِدِين ۾ فرمائن ٿا: حضرت سيدُنا عيسٰي عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام کان منقول آهي ته پاڻ کي بدنِگاهي کان بچايو ڇوته بدنِگاهي دل ۾ شهوت جو ٻج پوکيندي آهي،پوءِ شهوت بدنِگاهي ڪرڻ واري کي فتني ۾ مبتلا ڪندي آهي۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته احاديثِ مُبارڪه ۾ بدنگاهي جي ڪهڙي مذمت بيان ڪئي وئي آهي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته هن بري عادت کان توبه ڪيون ۽ ان کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي ڪوشش به ڪيون نه ته ياد رکو! ته بدنگاهي انسان کي برباد ڪندي آهي، ان جي ڪري انسان نه صرف اللهعَزَّوَجَلَّ کي



[1] منهاج العابدین،تقویٰ الاعضاء الخمسة، الفصل الاول :العين، ص۶۲