Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

هڪ ڀيري عرب امارات کان بابُ المدينه (ڪراچي) تشريف آڻڻ کان پهريان پاڻ دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه نگاھ جي حفاظت جي حوالي سان انفرادي ڪوشش تي مشتمل هڪ اي ميل E.Mail پنهنجي وڏي شهزادي ۽ جانشين حضرت مولاناالحاج ابو اسيد عبيد رضا عطاري مدني مَدَّظِلُّه الْعَالِي کي موڪلي، جنهن جو ڪجھ حصو پيشِ خدمت آهي:

اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جمعرات ۽ جمعه جي وچين رات P.I.A جي ذريعي رات جو اٽڪل 12 بجي روانگي آهي ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رات جو ٽي (3) بجي باب المدينه جي ائير پورٽ (Air port) تي لهي وينداسين۔ جيئن ته ائيرپورٽ (Air port) تي بي پرده عورتن سان ڀريل ماحول هوندو آهي، ان ڪري ذهن اهو بڻجي رهيو آهي ته مان ڪنهن کي به ائيرپورٽ (Air port) اچڻ جو نه چوان ڪٿي منهنجي چوڻ جي سبب اهي اچن ۽ بدنگاهين کان نه بچي سگھن ۽ ڪٿي آخرت ۾ مون کي به ان جو حساب نه ڏيڻو پئجي وڃي ته تون جڏهن حالتن کان باخبر هُئين ته هر هڪ اکين جو قفلِ مدينه نه لڳائي سگھندو ته پنهنجي نفس کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن کي مطار (ائير پورٽ) تي ڇو گڏ ڪندين رهين؟ هاءِ! اڳيان حساب جي تاب ناهي، مون سمورن گناهن کان بار بار توبه ڪئي آهي، اوهان کي گواه ڪري به توبھ ڪيان ٿو۔ استقامت جي دعا فرمائجو۔ (پر) حارِسين (حفاظتي اُمور وارن) جي آمد اسان جي مجبوري آهي، زهي نصيب جو صرف گاڏين جا ڊرائيور ۽ حارس تشريف آڻين ۽ اهي به ڪار پارڪنگ جي جڳھ تشريف رکن۔ (انفرادي ڪوشش،ص۱۱۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اکين جي حفاظت جي معاملي ۾ ڪيتري قدر حساس(Sensitive) طبيعت جا مالڪ آهن جو پنهنجي آمد تي استقبال جي لاءِ اچڻ جي خواهش رکڻ وارن عاشقانِ رسول کي ائير پورٽ جي حيا سوز ماحول جي پيشِ نظر پنهنجي روانگي کان پهريان ئي ائير پورٽ نه اچڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي بلڪ نه اچڻ جي وجه به ٻڌائي ڇڏي ته هن جڳهه تي بدنگاهي کان بچڻ نهايت دُشوار هوندو آهي۔