Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

(هلاڪت) گھرندا هوندا۔ انهن مان هڪ اهو شخص هوندو، جنهن جي وات مان گند ۽ رت وهندو هوندو۔ جهنّمي چوندا: ”انهي بدبخت کي ڇا ٿيو، اسان جي تڪليف ۾ اضافو پيو ڪري؟“ چيو ويندو: ”اِهو بدبخت، خبيث ۽ بُري ڳالهه ڏانهن توجهه ڪري ان مان لذّت حاصل ڪندو هو جيئن جماع جي ڳالهين مان۔“

( اِتحافُ السّادَة للزّبيدي ج۹ ص187 دارالڪتب العلميه بيروت)

حضرت سَيِّدُنا شُعيب بن ابي سعيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي فرمائن ٿا: ”جيڪو بي حيائي جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندو ته قيامت جي ڏينهن ان جي وات مان گند ۽ رت وهندو۔“   (اَيضاً ص۸۸۱)

ڪُتي جي شڪل ۾:

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شهوت جي تسڪين جي خاطر تنهنجي شادي، منهنجي شادي چوندي بي حيائي جون ڳالهيون ڪرڻ وارا، ڊرامن جا شوقين، وي سي آر تي بيهوده فلمون ڏسڻ وارا، سينما گھرن ۾ وڃڻ وارا، فلمي گانا چوڻ وارا بيان ڪيل حديث پاڪ مان عبرت جو سبق پرائين۔ ياد رکو! حضرت سَيِّدُنا ابراهيم بن مَيۡسره رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”فُحش ڪلامي (يعني بي حيائي واريون ڳالهيون) ڪرڻ وارو قيامت جي ڏينهن ڪُتي جي صورت ۾ ايندو۔“

(اتحاف السادة للزبيدي ج 9، ص 190)

          مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان فرمائن ٿا: خيال رکڻ گھرجي ته سڀئي انسان قبرن مان انساني صورتن ۾ اٿندا پوءِ محشر ۾ پهچي، ڪن جون صورتون بگڙجي وينديون۔  (مراٰة ج 6 ص 660)

رِسالو ”با حيا نوجوان“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسلافِ ڪرام عَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالسَّلام جي شرم و حيا ۽ حيا جي موضوع بابت اهم معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو 64 صفحن تي مشتمل رسالو ”باحيا نوجوان“ جو مطالعو