Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

کي خطرو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪٿي اُهي منهنجي هلاڪت جو باعث نه بڻجي وڃن ۽ مان انهن جي ڪري عذاب ۾ ڦاسي نه وڃان، منهنجا مالڪ! تون منهنجي نظر وٺي لاهي سندن دعا قبول ٿي ۽ اُهي نابينا ٿي ويا۔

 (عيون الحڪايات،الحڪايۃ السابعۃ والاربعون بعد المائۃ،۱۶۵)

گناہوں سے بھرپور نامہ ہے میرا

مجھے بخش دے کر کرم یا اِلٰہی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان اسان جا اسلاف ڪهڙي شرم ۽ حياء وارا هئا جو جيڪڏهن ڪنهن عورت تي اوچتو نظر پئجي ويندي هئي ته يڪدم نگاهون جھڪائي وٺندا هئا ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاه ۾ توبه ۽ استغفار ڪندا هئا، پر افسوس اولياءُ الله کي مڃڻ وارا، انهن جي ايصالِ ثواب جا اجتماع ڪرڻ وارا ته گھڻا آهن، پر انهن جي مبارڪ سيرت تي عمل جي ڪوشش ڪرڻ وارا ته گھٽ ۽ تمام گهٽ آهن، نگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا نهايت ٿورا آهن، شرم ۽ حيا جا پيڪر تمام ٿورا آهن، ”الله عَزَّوَجَلَّ ڏسي رهيو آهي“ اها توجھ رکڻ وارا نهايت گھٽ آهن، ”الله عَزَّوَجَلَّ جا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُلاحظه فرمائي رهيا آهن" اها توجھ رکڻ وارا نهايت گھٽ آهن، آخرت جو خوف رکڻ وارا نهايت گھٽ آهن، اُخروي عذابن کي پيشِ نظر رکندي گناهن کان بچڻ وارا نهايت گھٽ آهن، نگاهن جي حفاظت جو ذهن رکڻ وارا ته نهايت گھٽ گھٽ ۽ گھٽ آهن۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اڄوڪي دور ۾ اَسلاف جي سيرت تي نه صرف پاڻ عمل ڪندا آهن بلڪ پنهنجي متعلقين ۽ مريدين ومحبين کي به هنن نيڪ هستين جي پيروي جي ترغيب ڏياريندي خوفِ خدا، شرم ۽ حيا ۽ نگاهن جي حفاظت جو مدني ذهن ڏيندا رهندا آهن، جيئن ته