Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

یا خُدا! نکلوں میں مدنی قافلوں کے ساتھ کاش!

 

سُنّتوں کی تربیت کے واسطے پھر جلد تَر!

خُوب خِدمت سُنّتوں کی ہم سَدا کرتے رہیں

 

مدنی ماحول اے خُدا ہم سے نہ چُھوٹے عُمر بھر

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

فضول  ۽ فحش گفتگو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن فتني واري دَور ۾ جتي اسان جي اڪثريت بي شرمي ۽ بي حيائي وارن ٻين ڪمن ۾ مشغول نظر ايندي آهي، اتي فُضُول گوئي ۽ فحش ڪلامي به اسان جي معاشري ۾ ايتري قدر عام ٿي چڪي آهي جو اسان جي ڪا ملاقات هن گناھ کان محفوظ هجي نهايت مشڪل آهي،جتي ڪجھ دوست گڏ ٿيا، کل ڀوڳ جو سلسلو شروع ٿيو ته ڪيئي ڪيئي ڪلاڪن تائين آخرت جي انجام کان بي خوف ٿي واهيات ۽ فحش گفتگو ۾ مگن رهندا آهن، انهن کي هن ڳالھ جو بلڪل فڪر ناهي هوندو ته اسان جي اها گفتگو الله عَزَّوَجَلَّ جي ناراضگي جو سبب بڻجي سگھي ٿي، رب تعالي ته اسان کي اهڙين ڳالهين کان منع فرمايو آهي، جيئن سيپارو 14سُوْرَۃُ النَّحل جي آيت نمبر 90 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ یَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ  وَ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ

 (پ۱۴،النحل:۹۰)

 

تَرجَمَوڪنزُالايمان: ۽ منع فرمائي ٿو بي حيائِي ۽ بُرِي ڳالھ ۽ سرڪشِي کان

اسان کي به کپي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي هن حڪم تي عمل ڪندي ان جي رضا ۽ خوشنودي وارن ڪمن ۾ زندگي گذاريون ۽ ان جي نافرماني وارن ڪمن کان بچندي ڪامل مومن بڻجڻ جي ڪوشش ڪريون، ڇوته فرمانِ مصطفي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مطابق مومن عيب ڪڍڻ وارو، لعنت ڪرڻ وارو، فحش ڳالهيون ڪندڙ ۽ بي حيا ناهي هوندو۔([1]) اسان جي بزرگ سڳورن جي شرم ۽ حياء جو

 

 



[1]سنن الترمذی، کتاب البروالصلة، باب ماجاء فی اللعنة ،۳/ ۳۹۳، حدیث :۱۹۸۴