Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

معاشري جو ذليل فرد بڻائيندي آهي * بي حيائي مُنافق جي علامت آهي* بي حيائي جنّت کان پري ۽ جهنم جي ويجھو ڪندي آهي * بي حيائي ذلّت کي انسان جو مقدّر بڻائيندي آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان سڀني کي شرم وحياء جي دولت سان مالا مال فرمائي اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

تری سُنَّتوں پہ چل کر میری روح جب نکل کر

چلے تو گلے لگانا مدنی مدینے والے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ويهڻ جو سُنتون ۽ آداب

ويهڻ جون سنتون۽ آداب ملاحظه فرمايو 1 سُرين (يعني ڌُڏ) زمين تي رکو ۽ ٻئي گوڏا اُڀا ڪري ٻنهي ٻانهن کي گوڏن جي چوڌاري ورايو ۽ هڪ هٿ سان ٻئي کي پڪڙيو، ان ريت ويهڻ سنّت آهي، (پر ان دؤران گوڏن تي ڪا چادر وغيره وجهڻ بهتر آهي) (مرآۃالمناجيح،۶/۳۷۸) 1 پلٿي هڻي ويهڻ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت آهي۔ 1 جتي ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ هجي اتي نه ويهو۔ حضرت سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب، داناءِ غُيُوب، مُنَزَّهٌ عَنِ الۡعُيُوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵