Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي. [1]   

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

  2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس * ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

انھن کان ته ملائڪ به حياءڪندا آهن

اُمّ المؤمنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها کان روايت آهي ته هڪ ڀيري رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي چادر اوڍي پنهنجي بستر ۾ جلوه فرما هئا۔ انهيءَ دوران ابوبڪر (صديق( رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان اندر اچڻ جي اجازت طلب ڪئي، ته پاڻ انهن کي اجازت ڏني، پوءِ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن انهن جي ضرورت پوري فرمائي ۽ اهي موٽي ويا

 

 



[1] (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)