Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

گُھرجي ته اهي ناجائز فيشن ڪرڻ، بلاضرورت شاپنگ سينٽرن، بازارن، مخلوط تفريح گاهن، مخلوط تعليمي ادارن ۽ بي حيائي جي هنڌن جي زينت بڻجڻ جي بدران اُمَّهاتُ الْمُؤمنين ۽ آقا  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادين بالخصوص شهزاديء ڪونين، خاتونِ جنت رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي پاڪيزه سيرت ۽ ڪردار مان سبق حاصل ڪندي چادر ۽ چار ديواري ۾ رهڻ کي پنهنجي عادت ۾ شامل ڪن، ڇوته هي اُهي مقدَّس هستيون آهن جن ۾ صحبتِ مصطفٰي جي بدولت حيا جو مادو تمام گھڻو موجود هو۔ خُصوصاً آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاڏلي شهزادي خاتونِ جنت رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي حياء جو عالَم ته نهايت قابلِ ديد ۽ پيروي لائِق آهي۔ اچو! پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي بي مثال شرم ۽ حياء بابت هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا، جيئن ته

خاتونِ جنّت جو پردو

سرڪارِ مدينه  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ظاهري وصال کان پوءِ خاتونِ جنّت، شهزاديء ڪونين، حضرت سيدتُنا فاطمةُ الزَّهراء رَضِي اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا تي غمِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ايتري قدر غلبو ٿيو جو سندن چپن جي مُرڪ ئي ختم ٿي وئي! پنهنجي وصال کان اڳ صرف هڪ ئي ڀيرو مُرڪندي ڏٺيون ويون۔ ان جو واقعو ڪجھ هيئن آهي: حضرت سيدتنا خاتونِ جنت رَضِي اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي اها ڳڻتي هئي ته سڄي عمر ته غير مردن جي نظرن کان پاڻ کي بچائي رکيو آهي، هاڻي ڪٿي وفات کان پوءِ منهنجي ڪفن پوش لاش تي ئي ماڻهن جي نظر نه پئجي وڃي! هڪ موقعي تي حضرت سيدتُنا اَسۡماء بِنتِ عُمَيس رَضِي اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا چيو: مون حبشه ۾ ڏٺو آهي ته جنازي تي وڻ جون ٽاريون ٻَڌي هڪ ڏولي وانگر بڻائي اُن تي پردو وجهي ڇڏيندا آهن۔ پوءِ پاڻ کجيءَ جون ٽاريون گھرائي انهن کي جوڙي ان تي ڪپڙو وجهي سيده خاتونِ جنت رَضِي اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي ڏيکاريو۔ پاڻ تمام گھڻو خوش ٿيون ۽ چپن تي مُرڪ اچي وئي۔ بس اها ئي هڪ مُرڪ هئي جيڪا سرڪارِ مدينه  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري وصال کان پوءِ ڏٺي وئي۔“    (جذب القلوب اليٰ ديار المحبوب،ص۱۵۹)