Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته الله وارن جو جواني جي عالَم ۾ به عبادتون ڪرڻ ۽ بي حَيائي کان بچڻ جو ڪيتري قدر پَڪو مدني ذهن بڻيل هو جو جواني ۾ به اڪثر وقت عبادتِ الٰهي ۽ والدين جي خدمت ۾ گذرندو هو، اهي حضرات شيطاني چالِن کان هردَم هوشيار رهندا هئا، انهيء ڪري گُناھ تي قُدرت جي باوُجود به پنهنجي نگاهن جي حفاظت ڪندا هئا ۽ پنهنجو پاڪ دامن بي حيائي وارن ڪمن کان داغدار ٿيڻ کان بچائيندا هئا۔ ياد رکو! شيطان مسلمانن جو ازلي دشمن آهي ان جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن طرح مسلمانن کي نيڪ ماڻهن واري راھ تان هٽائي برائين ڀري راھ تي لڳائي ڇڏي ته جيئن معاشري مان حياء جو وجود مٽجي وڃي ۽ بي شرمي ۽ بي حيائي وڌ کان وڌ عام ٿيندي وڃي۔ ان ڪري عقلمند کي کپي ته اهو شرم ۽ حياء جي انهن علمبردارن يعني اسلافِ ڪرام  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم جي دامن کي مضبوطي سان جَهلي رکي ۽ لعنتي شيطان جي خلاف جنگ جاري رکي ۽ هرگز هرگز شيطان جي ورغلائڻ ۾ نه اچي۔

شيطان جي خلاف جنگ ۔۔۔۔جاري رهندي
 شيطان جي خلاف جنگ ۔۔ جاري رهندي
 شيطان جي خلاف جنگ ۔۔ جاري رهندي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

الله تعاليٰ مسلمانن کي شيطان جي پيروي کان منع فرمايو آهي، جيئن سيپاري 2 سُوْرَۃ الْبَقَرَۃ جي آيت نمبر 168 ۽ 169 ۾ ارشاد آهي:

وَّ لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ اِنَّہٗ لَکُمۡ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۶۸﴾ اِنَّمَا یَاۡمُرُکُمۡ بِالسُّوۡٓءِ وَ الۡفَحۡشَآءِ وَ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا عَلَی اللّٰہِ مَا لَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۶۹﴾

 (پ۲،البقرۃ:۱۶۹-۱۶۸)

ترجَموڪنز الايمان: ۽ شيطان جي پيرن تي نه ھلو بيشڪ اُھو اوھان جو کُليو کُلايو دُشمن آھي. اُهو ته اوھان کي بڇڙائِئَ ۽ بي حيائِئَ جو ئِي حُڪم ڏيندو ۽ ھِي ته اوهان الله تي اِهڙِي ڳالھ ٺاهيو جِنهن جِي اوهان کي خبر نه آهي.