Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

اِنَّ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا اِذَا مَسَّہُمۡ طٰٓئِفٌ مِّنَ الشَّیۡطٰنِ تَذَکَّرُوۡا فَاِذَا ہُمۡ مُّبۡصِرُوۡنَ ﴿۲۰۱﴾ۚ

 (پ۹،الاعراف ۲۰۱)

ترجَمو ڪنز الايمان: بيشڪ جيڪِي تقوى وارا آهِن. جڏهن اُنهن کي ڪنهن شيطانِي خيال جو ڌڪ لڳي ٿو ته هوشيار ٿِي وڃن ٿا اُنهِئَ وقت سندن اکيُون کُلِي وڃن ٿِيُون.

هن آيت سڳوري جي ياد ايندي ئي ان جي دل ۾ الله تعاليٰ جو خوف ايتري قدر غالب ٿيو جو اهو بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو۔ جڏهن اهو گھڻي دير تائين گھر نه پهتو ته ان جو پوڙهو پيء ان کي ڳولهيندي اتي پهتو ۽ ماڻهن جي مدد سان ان کي کڻائي گھر وٺي آيو، هوش اچڻ تي پيءُ پورو واقعو معلوم ڪيو، نوجوان سڄو واقعو بيان ڪري جڏهن ان آيتِ پاڪ جو ذڪر ڪيو، ته هڪ ڀيري ٻيهر ان تي الله تعاليٰ جو شديد خوف غالب ٿيو، ان هڪ زور دار رڙ ڪئي ۽ ان جو ساھ نڪري ويو۔ راتو رات ان جي غسل ۽ ڪفن دَفْن جو اِنتظام ڪيو ويو۔ صبح جڏهن هي واقعو حضرت سَيدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ٻڌايو ويو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن جي پيءُ وٽ تعزيت جي لاءِ تشريف کڻي ويا۔ پاڻ  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن انهن کي فرمايو ته اسان کي رات جو ئي اطلاع ڇو نه ڏِني، اسان به جنازي ۾ شريڪ ٿيون ها؟ ان عرض ڪيو، اميرُ المؤمنين! توهان  (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جي آرام جو خيال ڪندي مُناسب معلوم نه ٿيو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو ته مون کي ان جي قبر تي وٺي هلو۔ اتي پهچي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اها آيتِ مبارڪ پڙھي: سيپارو 27، سُوْرَه رَحْمٰن ، آيت نمبر46

وَ  لِمَنۡ خَافَ مَقَامَ  رَبِّہٖ  جَنَّتٰنِ ﴿ۚ۴۶﴾

(پ۲۷، الرحمن۴۶)

 

ترجَموڪنزالايمان: ۽ جيڪو پنهنجي رب جي درگاهه ۾ بيهڻ کان ڊڄي ان جي واسطي ٻه جنتون آهن.

ته قبر مان ان نوجوان بلند آواز سان پُڪاري چيو: يا اميرالمؤمنين! بيشڪ منهنجي رَبّ تعاليٰ مون کي ٻه جنتون عطا فرمايون آهن۔ (شرح الصدور، ص۲۱۳ )

فرما کے شفاعت مِری اے شافعِ محشر!

دوزخ سے بچا کر مجھے جنّت میں بسانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد