Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

هڪ ڀيري مون کي فرمائڻ لڳا ته احمد ميان! اهو ته ٻڌايو ته توهان انسان آهيو يا جِنّ؟ جو مون کي پڙهائيندي دير لڳندي آهي پر توهان کي ياد ڪرڻ ۾ دير ناهي لڳندي! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون ته الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر آهي مان انسان ئي آهيان، ها الله عَزَّوَجَلَّ جو فضل ۽ ڪرم شاملِ حال آهي. ۔ (تذکره امام احمد رضا ،ص ۵،حياتِ اعليٰ حضرت ج ۱ ص ۶۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو ڪيترو شوق هو جو سندن جا اُستاد صاحب سبق پڙھائي فارغ ٿيندا هئا ۽ پاڻ هڪ ٻه ڀيرا پڙهي سبق ياد ڪري وٺندا هئا، اُستادِ محترم اوهان جي علمي جذبي ۽ قُوتِ حافظه کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا هئا ته ايتري ٿوري وقت ۾ اهو ٻار ڪهڙي طرح پنهنجو سبق زباني ياد ڪري وٺندو آهي۔ پر اڄڪلھ اسان جي حافظن جو هي حال آهي جو اسان کي نهايت آسان ۽ ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به هر هر پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي باوُجُود ياد نٿيون رهن بالفرض ڪا شيء ياد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃون ته اهو جلدي وساري ڇڏيندا آهيون۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي حافظي کي مضبوط بنائڻ چاهيون ٿا ته سڀ کان پهريان حافظو ڪمزور ڪرڻ وارن سببن کي پري ڪرڻو پوندو، مثال طور بلا اجازتِ شرعي پنهنجي يا ڪنهن ٻئي جي اوگهڙ ڏسڻ، سڻڀ واري، کٽي ۽ بلغم پيدا ڪرڻ واريون شيون کائڻ ۽ خاص ڪري رات ڏينهن گُناهن جي اِرْتڪاب کان بچڻو پوندو ڇاڪاڻ ته حافظي جي ڪمزوري جو هڪ وڏو سبب اسان جي گُناهن ڀري زِندگي به آهي۔ تنهنڪري پنهنجي حافظي کي مضبوط بنائڻ، عذابِ الٰهي کان ڇوٽڪارو ماڻي جنَّت جي اَبَدي نعمتن کان لُطف ماڻڻ جي لاءِ زِندگي کي غنيمت سمجھندي گُناهن کان پاسو اختيار ڪيو ۽ توبه واستغفار جو معمول بڻايو اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ ضَرور ڪرم ٿيندو۔

حُجَّةُ الْاِسلام حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا :