Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

ومولاعَزَّوَجَلَّ!تنهنجو عاجز ٻانهو تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر آهي ، اي اللهعَزَّوَجَلَّ! مان تنهنجي دين جو علم حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو پر منهنجي يادداشت منهنجو ساٿ ناهي ڏيندي، اي هر شيء تي قادر رب عَزَّوَجَلَّ!تُون پنهنجي ڪامل قدْرت سان منهنجي ڪمزور حافظي کي قوي ڪري ڇڏ ۽ مون کي وسرڻ واري بيماري کان نجات عطافرماءِ ۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ٭ هر وقت باو ضو رهڻ جي ڪوشش ڪيو، باوضو رهڻ جو هڪ فائدو ته هي آهي جو اسان کي سنت تي عمل سان گڏوگڏ خود اعتمادي جي دولت ۽ احساسِ ڪمتري کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو۔٭ حافظي جي قوت بيدار ڪرڻ ۾ ننڊ جو به عمل دَخل آهي، ان ڪري سمهڻ ۽ جاڳڻ جا اوقات مقرر ڪيو ۽ ننڊ جي وقت ۾ سمهڻ جي علاوه هر ڪم کان پاسو ڪيو۔ ننڊ ختم ڪرڻ وارين دوائن جو استعمال هرگز نه ڪيو۔ هن ڳالھ جو خاص خيال رکو جو سمهڻ واري جڳھ ۾ ڪنهن قسم جو ڪو گوڙ شور نه هجي ۽ نه ئي اتي ڪنهن قسم جي تيز روشني هجي ته جيئن ننڊ کان جيڪو مطلوب آهي اهو حاصل ٿئي ٭ قوتِ حافظه جهڙي انمول نعمت جو شڪر ادا ڪنداسين ته اللهعَزَّوَجَلَّ ان ۾ برڪت عطا فرمائيندو گهٽ قوتِ حافظه واري جي قوتِ يادداشت ۾ اضافو ٿيندو ۽ پهريان کان قوي حافظه رکڻ واري جي يادداشت ۾ وڌيڪ قوت پيدا ٿيندي۔

۽ حافظو مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جي مطبوعه ڪتاب’’حافظه ڪيسے مضبوط هو؟‘‘ جو مُطالعه ڪيو۔ هن ڪتاب ۾ بُزرگانِ دين جا حيرت انگيز واقعا ۽ قوتِ حافظه وڌائڻ جي لاءِ ديسي، طبي ۽ روحاني علاج به ڏنا ويا آهن۔ اوهان هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان هديةً طلب ڪري سگھو ٿا ۽ دعوتِ سلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي پڙھڻ، ڊاؤن لوڊ ڪرڻ ۽ پرنٽ آؤٽ ڪرڻ جي به سهولت موجود آهي۔