Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

تنهنڪري هن ڏينهن نه پڙھڻ گھرجي، باقي ڇھ(6) ڏينهن پڙھڻ جا آهن۔([1])

تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته پنهنجي اندر علمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ڪيون ۽ خُوب محنت ۽ چاھ سان علمِ دِين حاصل ڪيون ۽ بِلا وجه سُستي ڪري علم جي برڪتن سان هرگز محروم نه رهون۔ اچو! حُصُولِ علمِ دِين جو شوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٽي (3) فرامينِ مُصْطَفٰي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا۔

﴿1﴾مَـنْ خَرَجَ فِي طَلَبِ الْعِلْمِ فَهُوَ فِي سَبِيْلِ اللَّهِحَتّٰى يَـرْجِعَجيڪو شخص طلبِ علم جي لاءِ گھران نڪتو ته جيستائين واپس نه موٽي، الله عَزَّ وَجَلَّ جي راھ ۾ آهي۔

(ترمذي،ڪتاب العلم،باب فضل طلب العلم،حديث:۴/۲۹۴،حديث: ۲۶۵۶)

﴿2﴾جيڪو صبح مسجد ۾ نيڪي سکڻ يا سيکارڻ جي لاءِ ويو ان جي لاءِ مڪمل حج ڪرڻ واري وانگر اجر (لکيو ويندو) آهي۔ (الترغيب والترھيب،ڪتاب العلم،الترغيب في الرحلۃ في طلب العلم،۱/۷۵،حديث:۱۴۶)

﴿3﴾جنهن کي هن حال ۾ موت آيو جو اهو علم کي ان ڪري طلب ڪري رهيو هو جو اسلام کي زنده ڪري ته ان جي ۽ انبياعَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي وچ ۾ جنت ۾ هڪ درجي جو فرق هوندو۔

(دارمي،باب في فضل العلم و العالم،حديث:۳۵۴، ۱/۱۱۲)

 

علم و عِرفاں کا جو کہ ساگَر تھا                      خیر سے حافِظہ قَوی تر تھا

حق پہ مَبنی تھا جس کا ہر فتوٰی                    واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته عِلْمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ گھران

 

 



[1]حیاتِ اعلی حضرت،۱/۶۹ بتغیر قلیل