Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

بَيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان اعليٰ حضرت،امام اهلسنت مولانا شاه احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عِلْمِ دِين جي شوق جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔

v    اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ننڍپڻ کان ئي حُصولِ علمِ دِين ۽ مُطالعي جا شوقين هئا، دِيني ڪتابن سان حد درجه مَحَبَّت ۽ دُنيوي و دِيني عُلُوم و فُنُون ۾ ڪامل مَهارت رکندڙ هئا۔

v    پنهنجي استادن جا منظورِ نظر ۽ زَبردَسْت قُوَّتِ حافظي وارا هئا۔

v    اوهان جي مطالعي جو شوق ۽ ذهانت جو هي عالَم هو جو چوٿائي(1/4) ڪتاب اُستاد کان پڙھڻ کان پوءِ باقي تمام ڪتاب جو پاڻ مُطالَعو ڪندا هئا ۽ ياد ڪري ٻڌائيندا هئا۔

v    علالت(بيماري) جي باوجودعلماءِ عرب جي فرمائش تي صرف2 ڏينهن ۾ علمِ غيب جي موضوع تي عربي زبان ۾ عظيم الشّان ڪتاب تصنيف فرمائي۔

v    اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون ڪلامِ پاڪ بِالتَّرتيب ڪوشِش سان ياد ڪيو آهي ۽ اهو ان ڪري جو انهن بندگانِ خُدا جو (جيڪي منهنجي نالي جي اڳيان حافِظ لکندا آهن) چوڻ غَلَط ثَابِت نه ٿئي۔

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪم و بيش پنجاھ (50) کان وڌيڪ عُلُوم و فُنُون ۾ ڪامل مهارت حاصل هئي ، ڇھ هزار اٺ سو ستيتاليھ (6847) سُوالن ۽ جوابن ۽ ٻه سو ڇھ(206) رسالن سان مُزَّين ٽيھ (30) جلدن تي مُشتمل ايڪويھ هزار ڇھ سو ڇاونجاھ (21,656) صفحن تي مُشْتَمِل فتاويٰ رضويه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذَوقِ علمي ۽