Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اعليٰ حضرت،امام اهلسنَّت مولانا شاه امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دل ۾ علمِ دين حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو ڪيتري قدر گھڻو هو جو اهو ڪتاب جنهن کي عام طور سمجھي ڪري مُطالعو ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏو عرصو درڪار هوندو آهي پر قربان ٿيون، اعليٰ حضرت جي علمِ دِين جي شوق تي جو هڪ رات ۾ سڄو ڪتاب اوّل تا آخر نه صرف پڙھي ورتو بلڪ اهڙو ذِهن نشين به فرمائي ورتو جو پاڻ ارشاد فرمائن ٿا: الله تعالي جي فضل ۽ ڪرم سان اُميد آهي ته ٻن ٽن مهينن تائين ته (هن ڪتاب مان) جتي عبارت جي ضرورت هوندي، (پنهنجي) فتاويٰ ۾ لکي وٺندس ۽ مضمون ته اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ سڄي عمر جي لاءِ محفوظ ٿي ويو۔ “پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هن قول سان اها حقيقت روشن سج جيان واضح ٿي وئي ته پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وقت جي اَهميت ۽ علمِ دِين جي مقام ۽ مرتبي کان خُوب واقف هئا۔

علمِ دين حاصل ڪرڻ جو حيرت انگيز جذبو

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي سڄي زندگي علم حاصل ڪرڻ ۽ علم ڦهلائڻ جي لاءِ وقف ڪيل هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪا گھڙي به بيڪار نه گذرندي هئي، علم حاصل ڪرڻ جو اهو مُبارڪ سفر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ننڍپڻ کان ئي شروع ٿي چڪو هو، ان جو سبب اهو هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو تعلق خالص مذهبي ۽ علمي گھراڻي سان هو۔ سندن والدِ گرامي ۽ ڏاڏا سائين به عالمِ باعمل هئا۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ننڍپڻ کان علم ِ دِين جي شوق جو اهو عالَم هو جو بنا ڪنهن جي چوڻ جي پاڻ ئي پڙھڻ جي لاءِ ويندا هئا، جُمعي جي ڏينهن وڃڻ چاهيو پر والدِ مُحترم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي منع ڪرڻ تي رُڪجي ويا ۽ پاڻ اهو سمجھي ورتو ته هفتي ۾ جُمعي جي ڏينهن جي تمام گھڻي اَهميت آهي