Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

۾ ئي نصيب ٿيندي آهي۔ هينئر رمضان المبارڪ جو مهينو گذريو جنهن ۾ اسان پنج ئي نمازون مسجد ۾ ادا ڪيون هونديون، ۽ ٻين نيڪ عملن سان گڏ تلاوتِ قرآن جو به معمول رهيو هوندو جيڪڏهن اسان سڄو سال ئي تلاوتِ قرآن جي عادت بڻائي وٺون، تلاوت سان گڏ ترجمو ۽ تفسير خزائن العرفان/ نورالعرفان/ صِرَاطُ الْجِنَان پڙھي غورو فڪر ڪيون ۽ عمل جي لاءِ ڪوشش به ڪندا رهون ته اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ سڄو سال ئي ان جي برڪتن سان فيضياب ٿيندا رهنداسين، دل ۽ دماغ کي سڪون ملندو، گھر دُڪان ۽ ڪاروبار ۾ برڪتن جو نزول ٿيندو، رحمتن جا در کلندا، بيمارين کان نجات ملندي، مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملڻ سان گڏوگڏ قبر و آخرت جا معاملا آسان ٿيندا ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو جو الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا حاصل ٿيندي۔

عِلمِ حديث ۾ مهارت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت ،امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي جهڙي طرح قرآنِ پاڪ سان بي اِنتها مَحَبَّت ھئي اهڙي طرح حديثِ رسول سان به سندن کي بي حد لڳاؤ هو۔ جيئن هڪ ڀيري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان سوال ڪيو ويو ته اوهان حديث شريف جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا آهن؟ ته امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بخاري، مسلم، ترمذي ، ابنِ ماجه، نَسائي، مِشڪوۃ، جامعِ صغير، جامعِ ڪبير، مُسندِ امامِ اعظم، مُسندِ امام شافعي، مُسندِ امام احمد، سُنَنِ دارِمي سميت حديث شريف جي تقريباً ٽيھ (30) ڪتابن جا نالا ارشاد فرمايا ۽ آخر ۾ ارشاد فرمايائون ته پنجاھ (50) کان وڌيڪ حديث جا ڪتاب منهنجي درس و تدريس ۽ مطالعي ۾ رهيا آهن۔ (اظهار الحق الجلي:۴۰، بتغير)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جو حال ته هي آهي جو اسان کي حديث جا