Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

هئا، مسافر هئا، سفرِ حج ۽ مراحلِ حج طئي ڪرڻ جي سبب ٿڪاوٽ کان علاوه ٻيون ڪيئي مصروفيتون پڻ هيون پر اِرْشاد فرمايائون: قلم دوات کڻي اچو! مولانا صالح ڪمال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ مڪي جي ٻين وڏن وڏن عالم سڳورن رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام چيو: اسان اهڙو فوري جواب نٿا چاهيون، بلڪ جواب نهايت جامع هجي جو منڪرينِ علمِ غيب جا ڏند کٽا ٿي وڃن۔ جنهن تي اهو طئي ٿيو ته سڀاڻي اڱارو آهي، پريهنئن اربع آهي، انهن ٻن ڏينهن ۾ ڪتاب مڪمل ڪري خميس جو علماءِ مڪه کي ملي ويندو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: مون پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جي عنايت ۽ پنهنجي نبي صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِعانت (يعني مدد) تي ڀروسو ڪري وعدو ڪري ورتو، شانِ الٰهي(عَزَّ وَجَلَّ) ڏسو جو ٻئي ڏينهن وري بُخار ٿي پيو، انهيءَ بخار جي حالت ۾ رسالو تصنيف ڪندو هئس ۽ حامد رضاخان صاف ۽ خوشخط ڪري لکندا ويندا هئا۔ (ملفوظات:۱۹۰، بتغيرقليل) انهيءَ دوران ٻين مصروفيتن سان گڏ ڪيئي وڏا وڏا عالم ملاقات جي لاءِ ايندا هئا انهن سان علمي مُذاڪرات ٿيا، نمازن جو وقفو، طبعي تقاضن تي مشتمل ٻيون مصروفيتون مطلب ته! ٻيا مشاغل جاري رهڻ جي باوجود به ٻن ڏينهن ۾ ڪتاب جي تڪميل ٿي ۽ خميس جي صبح جو ڪتاب مَولانا شيخ صالح ڪمال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تائين پهچايو ويو، ان کان پوءِ سڄي مڪي شريف ۾ هن ڪتاب جي شهرت ٿي وئي. (ملفوظات:ص۱۹۲،ملخصاً)

 

الله الله تَبَحُّرِ علمی                                    اب بھی باقی ہے خدمتِ قلمی

اہلِ سُنّت کا ہے جو سرمایہ                        واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی

 

شعر جي وضاحت