Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

مُسَلمان مَرد(اهڙي طرح عَورت) تي (به) فَرْض آهي۔ (ابن ماجه، ڪتاب السنۃ، باب فضل العلماء والحث الخ،۱/۱۴۶، حديث۲۲۴)

شيخِ طريقت، اَمِيرِاهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي، حضرت علّامه مَوْلانا ابُو بلال محمدالياس عطّارقادِري رَضَوي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ جي تَحْت منهنجا آقا اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسنّت، مَوْلاناشاه اِمام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيڪو ڪجھ فرمايو، اُن جو آسان لفظن ۾ مُخْتَصَراً خُلاصو عَرْض ڪرڻ جي ڪوشِش ڪيان ٿو۔ سڀ کان اَوَّلِين ۽ اَهم تَرِين فَرْض اهو آهي ته بُنيادي عَقائِد جو عِلم حاصِل ڪري، جنهن سان انسان صَحِيحُ العَقِيدَه سُنّي بڻجي ٿو، ۽ جنهن جي اِنڪار ۽ مُخالَفَت سان ڪافِر يا گُمراه ٿي ويندو آهي۔ ان کان پوءِ نماز جا مَسئلا يعني اِن جا فرض، شرط ۽ مُفسِدات(نماز ٽوڙڻ واريون شيون) سکي ته جيئن نَماز صحيح طور تي اداڪري سگھي۔ پوءِ جَڏهن رَمَضانُ الْمُبارَڪ جي تَشْرِيف آوَري ٿئي ته روزن بابت مَسائِل، مالِڪ نِصابِ نامي(يعني حقيقتاً يا حڪماً وڌڻ واري مال جي نِصاب جو مالڪ) ٿئي ته زڪوٰۃ جا مَسائِل، صاحِبِ اِستِطاعَت هجي ته مَسائلِ حَج، نِڪاح ڪرڻ چاهي ته ان جا ضَرُورِي مَسائِل، واپاري هجي ته خريدوفَروخْت جا مَسائِل، هاري يعني ڪاشتڪار(۽ زميندار)تي ٻني ٻاري جا مسائل، مُلازِم بڻجڻ ۽ مُلازِم رکڻ واري تي اِجاري جا مَسائِل۔ وَعَلٰي ھٰذَاالْقِياس(يعني ۽ انهي تي قِياس ڪندي) هر مُسلمان عاقِل ۽ بالِغ مرد ۽ عورت تي ان جي مَوجُودَه حالَت جي مُطابِق مَسئَلا سکڻ فَرْضِ عين آهن۔ اِهڙي طرح هر هڪ جي لاءِ حَلال ۽ حَرام جا مسئلا به سکڻ فَرْض آهن۔ ۽ مَسائلِ قَلْب (باطِني مسئلا) يعني فرائضِ قَلْبِيه (باطني فرض) مَثال طور عاجِزي